تل ابيب ( م ڊ ) والاريل فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس طرفان جيل مان آزاد ڪيل 85 ورهين جي اسرائيلي عورت حماس جي رويي جي واکاڻ ڪندي چيو ته قيد دوران حماس جي ماڻهن جو رويو دوستاڻو هو ۽ سموريون ضرورتون پوريون ڪيون ويون. حماس طرفان آزاد ڪيل ٻن قيدين مان هڪ 85 ورهين جي اسرائيلي عورت يوشيويڊ لفشٽز ميڊيا کي ٻڌايو ته اغوا دوران تشدد ڪيو ويو پر قيد ۾ سٺو سلوڪ ڪيو ويو. اسرائيلي عورت چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن اسان کي ٻڌايو ته هو قرآن تي يقين رکن ٿا ۽ اسان کي نقصان نه پهچائيندا. هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر کيس ۽ ٻين يرغمالين کي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ معائنو ڪرڻ لاءِ ايندو هو، قيد دوران حماس ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته کيس ۽ ٻين يرغمالين کي اها ئي دوا ملي ٿي جيڪا اسين اسرائيل ۾ وٺي رهيا هئاسين.