نواز شريف نيلسن منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: پرويز الاهي

اسلام آباد ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته نواز شريف نيلسن منڊيلا  بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پهريان پنهنجي ڀاءُ کان مهانگائي جو حساب وٺي. گوجرانوالا ۽ اسلام آباد جي عدالتن ۾  پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته کين اليڪشن ڪرائڻي پوندي، اليڪشن ۾ ئي پتو پئجي ويندو، مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهو مهانگائي سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته ملڪ لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪيس بابت بئنچ بڻجي وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ئي چونڊن جي تاريخ ايندي، هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سياسي شهرت وڌي وئي آهي، شريف ڀائرن جي ڪير به نه ٻڌندو، سندن دڪان بند ٿي ويا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.