سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف تحريڪ جو اعلان :عدالت ۾ پٽيشن جون تياريون

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ عوامي فورم، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي پهرين نومبر تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ عوامي فورم جي چئيرمين حبيب جتوئي، ايڊوڪيٽ اسلم لغاري، ڊاڪٽر انور حاجاڻو، ڊاڪٽر حسن لغاري ۽ ٻين ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اربين روپين جي سرعام رشوت وٺي ميرٽ جو قتلام ڪري سنڌ جي ھزارين اھل نوجوانن جي خوابن ۽ مستقبل جو قتل ڪري وڏيرن، وزيرن، ڀوتارن ۽ ڪامورن جي اولاد ۽ سندن ڪمدارن کي ڪميشن جي ڏکئي امتحان ۾ پاس ڪيو آھي، ٻي پاسي محنتي اھل نوجوان ٿرپارڪر جو عبدالرحمان راھمون جنھن 93 مارڪون کنيون ان سميت سنڌ جااھل نوجوان جن 90 کان 93 مارڪون کنيو تن کي فيل ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن، ڪميشن جي چئيرمين ۽ ميمبرن پنهنجي ضمير جو سودو ڪري تاريخي ڪرپشن ڪري ميرٽ جو قتل ڪري 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ سفارشي نااھل وزيرن، مشيرن ۽ خاص طور تي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي پاس ڪيو آھي، سنڌ جي غريب پورھيتن جا ٻار جن رکي ۽ سُڪي ماني کائي سخت محنت مزدوري ڪري راتين جا اوجاڳا ڪري پڙھائي ڪري ڪميشن جي پيپرن ۾ 90 کان به وڌيڪ مارڪون کنيون تن کي فيل ڪري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن تمام وڏو ڏوھه ڪيو آھي، ان عمل جي انھن کي تمام سخت سزا ملڻ گھرجي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي فوري طور تي معطل ڪري  عدالتي ڪميشن جوڙي شفاف جاچ ڪري ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، ان جو ايف آءِ اي ۽ نيب فوري نوٽيس وٺي، ٽيسٽ جي شفاف ڇنڊ ڇاڻ ڪري سنڌ جي اھل نوجوانن کانسواءِ سمورن نااھل سفارشي ۽ پيسن تي پاس ٿيندڙ جا نتيجا رد ڪيا وڃن، سنڌ جي اھل نوجوانن سان ان ظلم ۽ ناانصافي خلاف سنڌ عوامي فورم مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ٿو، جنهن جي  پھرين مرحلي ۾ ھنن جڙتو سفارشي ۽ پيسن تي جاري ٿيل نتيجن کي رد ڪرائڻ لاءِ فوري طور تي ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ ويندي، 27 آڪٽوبر جمعي تي 3 وڳي اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، 29 آڪٽوبر آچر تي 3 وڳي ڄامشورو پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويندو. پهرين نومبر تي پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس جي گيٽ تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جيستائين نتيجا رد نه ٿيندا ۽ سنڌ جي غريب محنتي شاگردن سان انصاف نه ٿيندو اسان جي جدوجھد جاري رھندي، اسان سنڌ جي نوجوانن، شاگردن، وڪيلن، صحافين ۽ باضمير ماڻھن کي سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل بچائڻ لاءِ ھن احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪيون ٿا.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.