ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ فائرنگ، واٽهڙو نوجوان مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران واٽهڙو نوجوان مارجي ويو، اورنگي ٽائون نمبر 10 جي علائقي ۾ ڦورن  فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو، پوليس اھلڪارن 2 موٽرسائيڪلن تي سوار چئن شڪي  جوابدارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 22 ورهين جو ملڪ ارسلان ولد ملڪ محمد رمضان مارجي ويو، مقتول ارسلان جي ماءُ ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجو پٽ اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍڻ گهر کان ٻاهر نڪتو هو، خبر پئي ته ڦورن منهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پٽ چيو هو ته واپس اچي ناشتو ڪندس، هن شهر ۾ ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي، منهنجو پٽ گهر جو سهارو هو، پوليس ڪجهه نه ڪري رهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڦورو خانگي بئنڪ ٻاهران شهرين کي ڦر ڪرڻ جي نيت سان بيٺا هئا، پوليس جي روڪڻ تي هنن فائرنگ ڪئي ته واٽهڙو نوجوان نشانو بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.