کپرو ڀرسان گهرو اڻبڻت تان پيءُ هٿان پٽ بيدردي سان قتل

کپرو(رپورٽ: اسلم بوزدار) کپرو ٿاڻي جي حد ۾ گهرو اڻبڻت سبب پيءُ پنهنجي پٽ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ پنيري ۾  گهرو اڻبڻت سبب پيءُ ربو عرف ربنواز شر پنهنجي پٽ انور شر کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، کپرو پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آھيون، نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته واقعو ڪيئن پيش آيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.