ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ ذخيره اندوزن خلاف ڪاررواين دوران ضبط ڪيل کنڊ جي نيلامي ٿيندي، عدالت اشتهار جاري ڪري ڇڏيا، جڊيشل مئجسٽريٽ ڪياماڙي ضبط ڪيل کنڊ جي نيلامي جو قانوني مسودو جاري ڪري ڇڏيو، نيلامي جو نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو ته 25کان 27 آڪٽوبر تائين کنڊ جي نيلامي ڪئي ويندي، عدالتي نوٽيس ۾ چيو ويو ته هڪ لک کان وڌيڪ کنڊ جي نيلامي لاءِ ٻورين جي جاچ پڙتال شروع آهي، هڪ ڪلو کنڊ جي نيلامي جي سرڪاري قيمت 125رپيا ڪئي ويندي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري نيلامي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ جيڪي ماڻهو آهن انهن کي 25سيڪڙو پيشگي ۽ 75سيڪڙو ست ڏينهن ۾ رقم اداڪئي ويندي، ضبط ڪيل کنڊ جي ماليت هڪ ارب رپين کان وڌيڪ آهي.