ڪراچي ( م ڊ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال مهانگائي 20 کان 22 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندي جڏهن ته معاشي ترقي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ملڪي معيشت بابت 23-2022ع جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح 20 کان 22 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندي. انگن اکرن موجب ملڪي معيشت ۾ بهتري جون ڪجهه شروعاتي نشانيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، 3 ارب ڊالرن جي آءِ ايم ايف پروگرام سان پرڏيهي خطرا گهٽ ٿي ويا آهن، درآمدات ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي صورتحال ۾ به بهتري ٿي آهي. رپورٽ موجب وڏي پيماني تي پيداوار ۽ ملڪي برآمدات ۾ واڌ جو امڪان آهي، ڪپهه ۽ چانورن جي پيداوار ۾ بهتري سان زرعي ترقي ۾ مدد ملندي. اسٽيٽ بئنڪ موجب 24-2023ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
50 سيڪڙو پاڪستانين پاران نواز شريف جي واپسي ملڪ لاءِ بهتر قرار: سروي
اسلام آباد ( م ڊ ) عوامي راءِ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان هڪ نئون سروي جاري ڪندي چيو آهي ته 50 سيڪڙو پاڪستانين مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي کي ملڪ جي مستقبل لاءِ سٺو قرار ڏنو آهي. گيلپ پاڪستان جي سروي موجب 30 سيڪڙو پاڪستانين ملڪ جي معاشي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ نواز شريف مان اميدون رکيون آهن، جڏهن ته 22 سيڪڙو ماڻهن پي ٽي آءِ چيئرمين کي واحد اميد قرار ڏنو، 30 سيڪڙو ماڻهن مايوسي سان چيو ته معاشي بحران کي ڪير به حل نٿو ڪري سگهي. سروي موجب 34 سيڪڙو پاڪستانين نواز شريف جي مينار پاڪستان تي ڪيل تقرير ٻڌي، 80 سيڪڙو پاڪستانين تقرير جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته 50 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ هو ته نواز شريف جي وطن واپسي ملڪ جي مستقبل لاءِ سٺي آهي. سروي ۾ 51سيڪڙو ن ليگ لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ مددگار ثابت ٿيڻ جو چيو، جڏهن ته 70 سيڪڙو مفاهمت جي حق ۾ هئا. گيلپ سروي ۾ نواز شريف کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو ملڪ جي ترقي لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سمورن سياسي اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪري. سروي ۾ 38 سيڪڙو پاڪستانين نواز شريف جي وطن واپسي کي ڊيل جو نتيجو قرار ڏنو پر 27 سيڪڙو ان راءِ کي رد ڪيو.
پاسڪو پاران ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پورو نه ٿي سگهيو
اسلام آباد ( م ڊ ) پاسڪو ڪڻڪ جي خريداري جو هدف حاصل نه ڪري سگهي، جنهن بعد حڪومت 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پاسڪو ڪڻڪ جي خريداري جو هدف صرف 75 سيڪڙو حاصل ڪري سگهيو آهي. حڪومت پاسڪو جي 75 سيڪڙو ڪڻڪ جي خريداري سبب 86 ارب رپين جي 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 78 لک ٽن هو پر خريداري 58 لک ٽن رهي، پاسڪو 1.8 ملين ٽن جي هدف جي مقابلي ۾ 1.3 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي، جڏهن ته پاسڪو پاران هدف مڪمل نه ڪرڻ سبب اسٽرٽيجڪ ذخيرن لاءِ ڪڻڪ خريداري جي ضرورت آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته روس کان حڪومتي سطح تي ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، حڪومتي سطح تي ڪڻڪ جي درآمد جي لاڳت جو اندازو 500 ملين ڊالر لڳايو ويو آهي، ذريعن موجب اي سي سي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي سمري جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اين جي اوز غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث، ڪريڪ ڊائون شروع
ڪراچي(رپورٽر) حيدرآباد جون 10 اين جي اوز مبينا طور تي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين پاران غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث اين جي اوز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، سوشل ويلفيئر کاتي پاران حيدرآباد جي 10 اين جي اوز جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي، سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين حيدرآباد جي ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، حيدرآباد سماجي اتحاد، هيومن رائيٽس حيدرآباد سميت 10 اين جي اوز جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي، غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث اين جي اوز جون سرگرميون روڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي، خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل اين جي اوز رجسٽرڊ نه آهن، فراڊ وارين سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ ڏني وڃي.