اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب فارن ايڪٽ تحت افغان شهرين جي گرفتاري، حراست ۽ بي دخلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پهرين نومبر کان فارن ايڪٽ تحت بي دخلي آرڊر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت فارن ايڪٽ 1946 جو سيڪشن 3 لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ گهرو وزارت وفاقي ڪابينا کان سمري سرڪوليشن ذريعي اها منظوري حاصل ڪئي. ذريعن موجب سنگين ڏوهن ۾ انڊر ٽرائل ۽ سزا يافته افغان شهرين کي بي دخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر معمولي ڏوهن ۾ انڊر ٽرائل ۽ سزا يافته افغان شهرين کي بي دخل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا، پوليس، پراسيڪيوشن ۽ جيل انتظاميا کي خاص اختيار ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، پهرين نومبر کان لاڳاپيل اٿارٽيز غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي گرفتار ۽ بي دخل ڪرڻ جون مجاز هونديون. ذريعن موجب پنجاب مان گرفتار افغانين جي بي دخلي لاءِ راولپنڊي ۾ قائم مرڪز ۾ منتقلي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪي پي مان گرفتار غير قانوني افغانين کي نوشهرا ۽ چمڪني مرڪز منتقل ڪيو ويندو، بلوچستان مان گرفتار افغانين کي ڪوئيٽا، پشين ۽ قلعي عبدالله مرڪز ۾ منتقل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان گرفتار غير قانوني افغانين جي بي دخلي لاءِ ڪراچي ون ۽ ٽو مرڪز ۾ منتقلي ڪئي ويندي، غير قانوني طور رهندڙ افغانين وٽ 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان ڇڏڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.