ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ سنڌ ورڪرز پارٽيسپيشن فنڊ ۽ ڊي جي ليبر کي صنعتي يونٽن کي رجسٽر ڪرڻ ۾ ناڪامي جي شڪايتن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي سنڌ روينيو بورڊ (SRB) ۽ ليبر کاتي خلاف الڳ الڳ انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
نواز شريف مري پهچي ويو، ملاقاتن جو امڪان
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف لاهور کان مري پهچي ويو. نواز شريف لاهور کان اسلام آباد پهتو ته ٽول پلازه تي ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪئي. سڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي مري ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي رهائشگاهه تي پوليس کي به مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مريم نواز ۽ پرويز رشيد به ساڻس گڏ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مري ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جون اهم ملاقاتون اڄ متوقع آهن، جڏهن ته ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته مريم ۾ نواز شريف جي ڪا به ملاقات نه ٿيندي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڊگهي عرصي کانپوءِ مري مري پهچڻ تي سندس رهائشگاهه ڪشمير پوائنٽ جي صفائي ڪئي وئي.