اسلام آباد(م ڊ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار صدر سپريم ڪورٽ بار کي چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، ٻڌايو ته ڇا ممڪن آهي، سپريم ڪورٽ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن. چيف جسٽس درخواست گذار صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن عابد زبيري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا تحريڪ انصاف ۽ سپريم ڪورٽ بار جي درخواست هڪ جهڙي آهي؟ تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته ها، ٻنهي درخواستن ۾ موقف ساڳيو آهي. چيف جسٽس عابد زبيري کان پڇاڻو ڪيو ته توهان درخواست ڪڏهن داخل ڪئي؟ عابد زبيري جواب ڏنو ته 16 آگسٽ تي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آدمشماري ڪڏهن شروع ٿي ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟ عابد زبيري جواب ڏنو ته اها منهنجي ڄاڻ ۾ ناهي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي خط لکي آرٽيڪل 19 تحت پڇڻ گهرجي ها. جسٽس اطهرمن الله چيو ته آدمشماري ڪرائڻ جي ڪڏهن ضرورت آهي؟ ڇا آدمشماري جو سڌو سنئون چونڊن سان واسطو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته عبوري مردم شماري کانپوءِ هاڻي آخري آدمشماري ٿي رهي آهي؟ توهان پريس رليز ڏيکاري دليل ڏئي رهيا آهيو، حقيقتون ٻڌائڻ وڪيل جو ڪم آهي عدالت جو نه، لڳي ٿو ته آدمشماري 18 مهينا اڳ شروع ٿي هئي. اسان کي ٻڌايو ته آدمشماري ٿي آهي يا نه؟ غلط، پوء ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته نئين آدمشماري غلط آهي ته پوءِ هاڻي چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ ڇا 2017 جي مردم شماري تي چونڊون ٿينديون، مهرباني ڪري حل ٻڌايو. جسٽس اطهرمن الله چيو ته چا آئين ۾ ڪجهه لکيل آهي ته هر اليڪشن کان اڳ آدمشماري ڪرائي وڃي. وڪيل عابد زبيري چيو ته آئين ۾ اها شق ناهي ته هر اليڪشن کان اڳ آدمشماري ڪرائي وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته آئين چوي ٿو ته نئين آدمشماري ٿيڻ گهرجي، ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس غير قانوني ڪيئن ٿيو؟ عابد زبيري چيو ته نگران وڏو وزير اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. جسٽس امين الدين خان چيو ته اهي ڇو نٿا ٻڌائين ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊون 90 ڏينهن کانپوءِ ٿينديون؟ چيف جسٽس چيو ته آئين نگران سيٽ اپ جي اجازت ڏئي ٿو.