عمران کي جيل پهچائيندڙ هاڻ ملڪ رياض پٺيان !

لنڊن (عوامي آواز نيوز)  ملڪ رياض جا شريف خاندان  سان ماضيءَ  ۾ سٺا لاڳاپا هئا پر ملڪ رياض به عمران خان جي عشق ۾ تمام حدون ايئن اورانگهيون جيئن عمران خان  سياست بدران سموريون حدون عبور ڪيون، نامياري صحافي انيق ناجي موجب جن عمران خان کي ڏٽا ۽ آسرا ڏئي خوبصورت خواب ڏيکاري ان کان 9 مئي جهڙا واقعا ڪرائي جيل پهچائي پاڻ آرام ڪري رهيا آهن. ساڳي قسم جي ٽيم ملڪ رياض کي به ڊي ايڇ اي سان مقابلي لاءِ بڇ ڏئي اهڙي هنڌ  آڻي بيهاريو آهي جو هاڻي ملڪ رياض کي ڪير به بچائي نٿو سگهي ۽ ملڪ رياض کي بڇ ڏيندڙ آرام سان گهرن ۾ ويٺا آهن، شريف خاندان صرف ملڪ رياض جي فلاحي ڪمن کان متاثر هيو پر سندس ٻيا ڪارناما سامهون اچڻ بعد نٿو لڳي ته ملڪ رياض کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.