ملير ( رپورٽر ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاڪستان جي سڀ کان وڏي منصوبي بحريا ٽائون جي زمين جي وڪري ۽ اشتهارن جي اين او سي رد ڪندي کين زمين جي وڪري کان روڪي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر پبلڪ سيلز اينڊ ايڊورٽائزمينٽ اين او سي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسڪروٽني جي مد ۾ رهتون ادا نه ڪرڻ تان بحريا ٽائون جي زمين جي وڪري ۽ اشتهارن جي اين او سي رد ڪئي وئي آهي. ايس بي سي اي موجب بحريا ٽائون پاران جاري ڪيل چيڪ بائونس ٿي ويو، ان حوالي سان بحريا ٽائون کي ڪيترائي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا جڏهن ته بحريا ٽائون جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏنو. ٻي پاسي گلشن اقبال ٿاڻي تي ملڪ رياض ۽ سندس پٽ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس چيڪ بائونس ۽ فراڊ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض کي نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ انڊيجنسي الائينس جي ترجمان حفيظ بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي اها پهرين عوامي رد عمل جي نشاني آهي ته جو هنن غيرقانوني قابض بحريا ٽائون ۽ سندس مالڪ ملڪ رياض خلاف تحرڪ ورتو آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون جي سموري نام نهاد الاٽمينٽ جي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن بحريا ٽائون انتظاميا جا ڪرتوت عوام جي سامهون اچي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته هي عمل اڃا اڻپورو آهي روينيو ۽ اڳوڻي ملير انتظاميا خلاف به جاچ ڪئي وڃي ته انهن ڌرتي ڌڻين جي زمين ڪهڙي قانون تحت بحريا ٽائون حوالي ڪئي.