وزير اعظم پاران عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ جي هدايت

اسلام آباد ( م ڊ ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر ماڻهن تائينپهچائڻ ۽ کاڌي پيتي توڙي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ بابت جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گوهر اعجاز، ڪوثر عبدالله ملڪ، سميع سعيد، محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وڏن وزيرن محسن نقوي، جسٽس (ر) مقبول باقر، اعظم خان، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي سان مهانگائي ۾ 1.7 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جيڪا گذريل هڪ سال جي سڀ کان وڏي گهٽتائي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پيٽرول جي اگهن ۾ 12.38 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.7 سيڪڙو گهٽتائي جو فائدو جلد کان جلد عام ماڻهو تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 18 سيڪڙو ۽ کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 16 سيڪڙو گهٽتائي سٺو سنوڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.