اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد، اسپتالن تي حملا تيز ڪرڻ جي ڌمڪي

غزا (م ڊ) اسرائيل جي غزا تي لاڳيتو 24 ڪلاڪ جاري بمباري ۾ وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن سبب 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل چڪرين ۾ هيل تائين شهيدن ٿي ويلن جو گڏيل انگ 4 هزار 600 کان وڌيڪ ٿي ويو  آهي. جڏهن ته اسرائيل غزا تي وڌيڪ حملا تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل غزا جي علائقي الجباليه جي پناهگير ڪيمپ کي نشانو بڻايو. ان علائقي ۾ هڪ اسپتال ۽ هڪ تاريخي مسجد به بمباري ۾ شهيد ٿي وئي آهي. الجباليه ۾ اسرائيلي جي 24 ڪلاڪن دورن ڪيل بمباري ۾ 400 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي آهن. القدس ۽ الشفا اسپتالون تباهه ٿي ويون. 7 آڪٽوبر کان اسرائيل جي غزا تي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو گڏيل انگ 4 هزار 700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو گڏيل انگ 15 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي ڪارروائي ۾ ٻه فسلطيني نوجوان شهيد ٿي ويا. والاريل فلسطين جي گهيريل شهر غزا جي ال آهلي اسپتال تي ميزائل حملي کانپوءِ اسرائيل وڌيڪ اسپتالن تي بمباري جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. هڪ انٽرويو ۾ فلسطيني هلال احمر جي ترجمان نيال فرسخ ٻڌايو ته اسرائيلي فوج مسلسل غزا پٽي جي اسپتالن کي خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي رهي آهي ۽ اسرائيلي جهاز غزا جي اسپتالن جي ڀرسان بمباري ڪري رهيا آهن.هوڏانهن صحت جي عالمي اداري اسرائيل کان اهڙي وارننگ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي، ڊبليو ايڇ او ترجمان موجب غزا جي سڀني اسپتالن کي خالي ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي. ڊبليو ايڇ او ترجمان چيو ته ڪيترائي مريض وينٽي ليٽرن ۽ نوان ڄاول ٻار انڪيوبيٽرز ۾ آهن. هوڏانهن آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ڪيناڊا گڏيل بيان ۾ اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. بيان ۾ اسرائيل تي عالمي قانون جي پاسداري ۽ شهرين جي تحفظ تي زور ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف اسرائيل حملا بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اعليٰ صهيوني عهديدار چيو آهي ته هو آمريڪا طرفان جنگ ملتوي ڪرڻ جي مطالبي کان بي خبر آهن، انساني امداد کي حماس جي خاتمي جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. رات دير سان غزه تي اسرائيلي هوائي فوج وڌيڪ بمباري ڪئي، صهيوني حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 4 هزار 700 کان وڌي ويو آهي، شهيدن ۾ 40 سيڪڙو معصوم ٻارڙا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.