چنئي: (م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جي ٽيم هڪ ٻيو اپ سيٽ ڪري ورتو ۽ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کانپوءِ پاڪستان کي به شڪست ڏئي ڇڏي آهي. چنئي ۾ پاڪستان طرفان مليل 282 رنسن جو هدف افغانستان 49 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. افغانستان طرفان رحمان الله گرباز 65 ۽ ابراهيم زادران 87 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته رحمت شاهه 77 ۽ ڪپتان حشمت الله شاهدي 48 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ حسن علي هڪ _ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون. ڪپتان بابر اعظم 74، عبدالله شفيق 58، شاداب خان ۽ افتخار احمد 40_40 رنسن سان اڳڀرا رهيا.افغانستان طرفان نور احمد 3، نوين الحق 2، محمد نبي ۽ عظمت الله هڪ _ هڪ وڪيٽ ورتي.
افغانستان جي فتح، ڪابل ۾ جشن، هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي
ڪابل ( م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جي پاڪستان خلاف تاريخي فتح تي افغان صوبي ڪابل ۾ جشن ملهايو ويو، هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي پڻ ڪئي وئي. طالبان جي مرڪزي اڳواڻ انس حقاني پاڪستان خلاف فتح تي افغان ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي. انس حقاني ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته اسان جي ڪرڪيٽ اڳ کان بهتر حالت ۾ آهي، پهريون ڀيرو اسان انگلينڊ ۽ پاڪستان کي شڪست ڏني آهي، توهان سڀني کي ان عظيم ڪاميابي تي فخر ٿيڻ گهرجي.
پي سي بي قومي ٽيم ۾ تڪرار وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم ۾ تڪرار وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جي سختي سان ترديد ڪن ٿا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم متحد آهي ۽ ڪنهن به رانديگر جو ڪنهن سان ڪو به اختلاف ناهي.
افغانستان خلاف شڪست تي ٽيم کي ڏک ٿيو: بابر اعظم
چنئي ( م ڊ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته افغانستان خلاف شڪست تي ٽيم کي ڏک ٿيو، اها ڪرڪيٽ آهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. چنئي ۾ افغانستان خلاف ميچ ۾ شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته اسان جي بالنگ ۽ فيلڊنگ سٺي نه هئي. وچين اوورن ۾ به اسپنرز سٺو اوور نه ڪيو. هن چيو ته افغانستان کي فتح تي مبارڪباد ڏيان ٿو، ڪوشش ڪنداسين ته مستقبل جون سڀئي ميچون کٽيون.