ڪراچي ۾ 32 هزار مفرور ۽ اشتهاري جوابدار پوليس جي پڪڙ کان ٻاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۾ ناڪام آهي، ڪراچي ۾ 32 هزار کان وڌيڪ مفرور ۽ اشتهاري جوابدار پوليس جي پڪڙ ۾ ناهن اچي سگهيا.
آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ سڄي صوبي ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان سينٽرل پوليس آفيس ۾ ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن پر گرفتارين جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ڪراچي شهر ۾ 10 هزار 217 جوابدار اشتهاري آهن ۽ 22 هزار 757 جوابدار مفرور آهن، جن جي گرفتاري ۾ ڪراچي پوليس ناڪام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.