فلسطين جي آزادي تائين چپ نه ويهنداسين:اُشنا شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار اُشنا شاهه چيو آهي ته فلسطين جي آزادي تائين چپ نه ويهنديس.
ڪراچي ۾ تازو ئي فسلطين سان يڪجهتي لاءِ ٽي تلوار تي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سول سوسائٽي سوڌو شوبز اداڪارا اُشنا شاهه به شريڪ ٿي.
ريلي کي خطاب ڪندي اشنا شاهه چيو ته جيستائين فلسطين آزاد نه ٿيندو اسان چپ ڪري نه وينداسين، اسان يهود دشمن نه پر اسان فسلطين جي نسل ڪشي ۽ سندن آواز کي دٻائڻ جي خلاف آهيون.
اداڪارا چيو ته 1948ع کان فلسطينين تي ظلم ٿي رهيو آهي، اسرائيل، اسپتالن تي بمباري ڪري رهيو آهي، اها جنگ نه پر نسل ڪشي آهي، اها غير قانوني آهي.
هن چيو ته دنيا رڳو ڏسي رهي آهي پر دنيا جا سپر پاور ملڪ اسرائيل جي مدد ڪري رهيا آهن، سندن هٿن تي معصوم فلسطينين جو رت آهي، اولهه ميڊيا فسلطينين جو آواز دٻائي رهيو آهي، غلط رپورٽنگ ڪري رهيو آهي ۽ جيڪي سوشل ميڊيا تي فسلطينين لاءِ پوسٽ ڪن ٿا انهن کي بين ڪيو ٿو وڃي.
اداڪارا جو چوڻ هوته هر پاڪستاني، مسلمان ۽ ايتري تائين جو يهودي به فلسطين يج حق ۾ آواز اٿاري رهيا آهن، اهو هاڻي يهودي يا مسلمانن جو مسئلو ناهي رهيو پر اها نسل ڪشي آهي، جنهن جي خلاف هر شخص کي روڊن تي نڪرڻ گھرجي ۽ صحيح تاريخ جو ساٿ ڏيڻ گھرجي ۽ الحمدالله اسان حق جي رستي تي آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.