سعودي ولي عهد سان ڪينيڊين وزيراعظم ۽فرانسيسي صدر جا رابطا

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ڪيناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ٽيليفونڪ ڳالهه  ٻولهه ڪئي ۽ غزا جي پٽي ۾ موجوده ڇڪتاڻ جي صورتحال بابت خيالن يج تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. سعودي خابرو اداري مطابق ٻنهي اڳواڻن غزا ۾ هٿين خالي شهرين تي حملا بند ڪرڻ ۽ انهن تائين فوري امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هن جنگ سبب تباهه علائقي ۾ طبي ٽيمن کي پهچ ڏيڻ، زخمين جو علاج ڪرڻ، دوائن جي فراهمي ۽ غزه جو گهيراءُ فوري ختم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ فرانسيسي صدر عمانويل ميڪرون شهزاده محمد بن سلمان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي پاسي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ترڪ هم منصب رجب طيب اردوان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي پٽي جي صورتحال ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻئي پاسي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز غزه جي پٽي ۾ جاري فوجي ڪارروائين کي فوري طور بند ڪرڻ ۽ شهرين جي جانين جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. هن غزه ۾ شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به بهاني سان نشانو بڻائڻ کي رد ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.