پريالوءِ (ن ع آ) پريالوءِ ڀرسان اوڍا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي معاملي تان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو، ٻنهي ڌرين تي 65 لک رپيه ڏنڊ، ڳوٺ قلندر بخش اوڍو ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين وليداد اوڍو ۽ غلام نبي اوڍو جي ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار جو نبيرو محمد پور اوڍو ۾ اوڍا برادري جي سردار رضوان عالم اوڍو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جهيڙيندڙ ڌرين ۽ اوڍا برادري جي چڱن مڙسن محمد خان، امان الله اوڍو، حاجي عبدالرزاق اوڍو، غلام نبي اوڍو، غلام رسول اوڍو وليداد اوڍو سالڻ اوڍو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرپينچ سردار رضوان عالم خان اوڍو ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد وليداد واري ڌر تي ڀورل پٽ نورل اوڍو ۽ غلام نبي اوڍو واري ڌر تي وليداد واري ڌر جي عيدن پٽ غلام مصطفيٰ اوڍو جو خون ثابت ٿيڻ تي وليداد واري ڌر تي 30 لک رپيه ۽ غلام نبي واري ڌر تي 35 لک رپيه ڏنڊ مقرر ڪيو، ٻنهي ڌرين فتويٰ قبول ڪئي جنهن بعد ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي ڌريون ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس بيانن ذريعي ختم ڪرائينديون.