والاريل بيت المقدس (م ڊ) سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن ۽ ٻين هنڌن تي هزارين ماڻهن غزه جي پٽي ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مظاهرا ڪيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري مطابق گذريل ڏينهن فلسطين، مصر، لبنان، ترڪيه، عراق، اردن، مراڪش، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا،آمريڪا، اسپين، فرانس، برطانيا ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهو ننڍن وڏن شهرن ۾ نڪري آيا ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حق ۾ مظاهرا ڪيا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ مظاهرو ڪندڙن پنهنجين حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪيا وڃن. ڏکڻ آفريقا جي آفريقي نيشنل ڪانگريس جي انتظام هيٺ فلسطينين جي حامي مظاهرو ڪندڙن گادي واري شهر پريٽوريا ۾ اسرائيل جي سفارتخاني آڏو احتجاج ڪيو.