ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا صارف پرويز ٻانڀڻ چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازي نتيجي اچڻ بعد ڪميشن تي ڪير اعتبار ڪندو جنهن تي ناليواري اديب،ليکڪه ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر عرفانه ملاح لکيو آهي ته SPSC نوڪرين کپائڻ جو دڪان آھي شروع کان ڪميشن جا ڪم اھڙا ئي آھن.ارباب رحيم جي دور ۾ ڪميشن نتيجا تبديل ڪري ناپاس اميدوارن کي پاس ڪيو ھيو،متاثر اميدوارن ھاءِ ڪورٽ ۾ نتيجا چيلينج ڪيا ھئا اھو ڌنڌو پراڻو آھي، ان ڪاروبار ۾ ملوٽ رٽائرڊ ڪامورن ء ججن کي عدالتن کان سزا ڏيارڻ گهرجي،رميش ڪمار پ پ اڳواڻ هري رام سان ڪنهن نوجوان جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ماڻهو پان کارائي ميونسپل آفيسر بڻجي ويا! سنڌ جي ڪرپٽ مافيا گينگ جي سردار جي لاڏلي جو واٺو به ڪنھن کان گھٽ ناھي آفيسر ٿي ويو