ڪراچي(م ڊ) يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته سنڌ پيپلا سروس ڪميشن پاران آڱوٺي ڇاپ واٺن ۽ چمچن ۾ ٽي ايم او جون سيٽون تقسيم ڪرڻ غريبن جي باصلاحيت نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ۽ ظلم آھي،جنھن تي بلڪل به خاموش نه رھبو.اسان اهڙي ناانصافي خلاف جدوجهد ڪنداسين، سنڌ جي باصلاحيت نوجوانن کي سندن حق ڏياريو ويندو