ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميونسپل آفيسرن جي مقرري تي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل آهي، ٽوئيٽر تي عائشه خان لکيو ته سنڌ جا سمورا شاگرد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازو ٿيل ميونسپل آفيسر (بي پي ايس 17) جي امتحان ۾ سفارش، رشوت ۽ ناانصافي خلاف ڪرپٽ آفيسرن کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪن آزاد لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي عوام کي جواب ڏئي ته عرفان خان آفريدي جي انرولمينٽ ۽ پاس ڪيئن ٿيو؟ هي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک تي هڪ وڏو سوال آهي،ٻهراڙي سنڌ مان عرفان آفريدي ٽي ايم او ٿي ويو، منهنجي خيال ۾ سنڌي ماڻهن کي ڪميشن جي اهڙي عمل خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي.عرفان علي گوپانگ لکيو ته80 لک رپيا في سيٽ وڪرو سنڌ جي نوجوان جي حقِ تي ڌاڙو. سنڌ پبلڪ ڪميشن غريبن جي ٻارن جي محنت ذهانت کي کپائي ڇڏيو.سرتاج احمد لکيو ته اسان مٿان وڏيرا شاهي راڄ مڙهي رکڻ لاءِ وڏيرن جا اڻ پڙهيل پٽ ڀرتي ڪيا ٿا وڃن جيئن سنڌ جو نوجوان غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهي،پارس ابڙو لکيو ته مون ڪڏهن به اهڙين افواهن تي اعتبار نه ڪيو پر هاڻي مان پاڻ شاهد آهيان ته ڪيئن ميونسپل آفيسر جون سيٽون پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي وڪرو ڪيون ويون، ميرٽ جو جنازو نڪري ويو،جيزي اسٽارڪ نالي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي لکيو ويو ته سنڌ پبلڪ ڪميشن طرفان ميونسپل آفيسر لاءِ ورتل ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا آهن، اڪثريت اهي پاس ٿيا آهن جن جا پيپلز پارٽي جي مک قيادت سان گڏ فوٽو نڪتل آھن ، غريب ۽ محنتي اميدوارن کي سندن حقن تي لڳل ايڏي وڏو ڌاڙي خلاف روڊن تي اچڻ کپي جنهن تي منير حيدر شاهه لکيو ته پ پ جو اهو ئي ڪم ته آهي،رضوان حنين لکيو ته سھيل انور سيال جا ٻئي ڪزن صفدر علي سيال ۽ دانيال سيال جن کي ميرٽ نمبر 39 ۽ 151 تي ميونسپل آفيسر ٿي وڃڻ جون لک لک مبارڪون،سرتاج احمد لکيو ته سئو مان ڪي 2 پورهيتن جا ٻار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪيا هوندا جيڪي سوشل ميڊيا جي زينت بڻبا ۽ اسان جا ئي جوڌا سنڌي وري انهن تي پوسٽون ڪندا ته غريب جو ٻار آفيسر ٿي ويو هوڏانهن ڀلي 98 پرسنٽ دانگي ملجي پر اسان انهن 2 تي خوش،حق ابڙو لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ آڱر تي ڳڻڻ جيترا اميدوار ميرٽ تي پاس ٿيندا آهن نه ته اڪثريت پيپلزپارٽي پاران ڏنل لسٽ يا وري بورڊ جي عملي پاران پيسا وٺي نڪما ۽ نالائق اميدوارن کي پاس ڪيو ويندو آهي،ڪميشن ڪرپشن جو ڳڙھ آهي جنهن کي صفائي جي سخت ضرورت آهي .دستگير ڀٽي لکيو ته ٿرجي جوان زاھدحسين راھمون93مارڪون کڻي ٽاپ ڪيوپر سنڌپبلڪ سروس ڪميشن جي راشي ميمبرن کيس فيل ڪري ڇڏيو .