سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خاص ماڻهن کي نوڪريون وڪرو ڪيون:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ناميارو قانوندان اياز لطيف پليجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن کي رد ڪندي چيو آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميرٽ کي قتل ڪري ڪروڙين روپيا رشوت وٺي ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي خاص ماڻھن کي نوڪريون وڪرو ڪيون آھن، جاري بيان ۾ هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازن ميونيسيپل آفيسرز جي امتحانن ۾ سفارش، رشوت ۽ ناانصافي خلاف سوين اميدوارن فون ۽ ميسيجيز ڪيا آھن،سنڌ جي نوجوانن سان ان متڀيد ۽ زيادتي خلاف مستقبل جي سمورن مرحليوار قانوني ۽ پروسيجرل قدمن لاءِ ضروري آھي ته ھر اميدوار ليگل بنياد رکڻ جو آغاز ڪيو وڃي، اياز لطيف پليجي پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي متاثر نوجوانن جي قانوني مدد لاءِ ھڪ ڊرافٽ رکي چيو آھي ته سمورا متاثر اميدوار ڊرافٽ ڪيل ليٽر وزير اعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ،  سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين اختيارين ڏانھن اماڻي پڻھنجي ضلعن ۽ شھرن جي وڪيلن ذريعي عدالت جو در کڙڪائين، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ سنڌ جي ھر اداري ۾ ڪرپشن جو ڄار پکيڙي ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.