لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي جي به معافي قبول ٿي وئي آهي ۽ پريس ڪانفرسن يا نٽرويو لاءِ تيار ٿي ويو آهي. صحافي نور الله جو چوڻ آهي ته ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته مونس الاهي به والد کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته معافي تلافي ذريعي ڊيل ڪري جيل کان ٻاهر اچو ان بعد پرويز الاهي انٽرويو لاءِ تيار ٿي ويو آهي، پريس ڪانفرنس لاءِ اڳ به تيار هو پر کيس اجازت يا معافي نه پئي ملي هاڻي کيس معافي ملي وئي آهي ۽ 28 آڪٽوبر تائين ڪنهن چينل تي پرويز الاهي جو انٽرويو نشر ٿي سگهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ” جيو نيوز“ تي انٽرويو هلدو پر ان جي تصديق نه ٿي آهي.