حيدرآباد(رپورٽر)سوشل ميڊيا موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي تازو ڀرتي ڪيل ٽي ايم او جي معاملي تي انٽرويو ۾ فيل قرار ڏنل اميدوار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ وارا آهن، هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختلف امتحانن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا عدالتن ۾ ڪيس وڙھندڙ نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 90 سيڪڙو امتحانن تي آڱريون کڄنديون رھيون آھن، شاھدين جي بنيادن تي ئي عدالتن کوڙ سارن نتيجن کي ڪالعدم بھ قرار ڏنو آھي. ھن چيو تھ جڏھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ شفافيت جي ڳالھھ ڪجي ٿي تھ سپريم ڪورٽ کان ويندي ھاءِ ڪورٽ تائين عدالتن مختلف فيصلا ڏنا آھن ۽ ھدايتون بھ جاري ڪيون آھن، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل ماڻھو اداري ۾ شفافيت نٿا چاھين، ھو چاھين ٿا تھ ھي ادارو وڏيرن، سردارن، وزيرن ۽ مشيرن جي ماڻھن مٽن مائٽن ۽ اولاد کي وڏيون نوڪريون ڏيارڻ جي لاءِ قائم ٿيل ھجي، انھن جا ماڻھو آفيسر ٿين ۽ رشوت جو بازار گرم رھي، ھي ڳالھيون تھ ھاڻ چٽيون ٿي چڪيون آھن تھ 17 گريڊ جي نوڪري جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڪيترو ريٽ لڳل آھي، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻھن جو پڙھيو لکيو اولاد مايوسي جو شڪار ٿي ويو آھي، نوجوانن کي ڪا راھھ نٿي ڏسجي. ھن چيو تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 2020ع جي چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ٿيل ھيراڦيري خلاف متاثر اميدوارن پاران داخل ڪرايل پٽيشن تي فيبروري 2023ع ۾ فيصلو آيو ھو، جنھن ۾ عدالت اھو امتحان ڪالعدم قرار ڏئي ٻيھر ٽيسٽ وٺڻ جي لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ھيون تھ امتحان جي نگراني سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا رجسٽرار ڪندا، انھن جي نگراني ۾ پيپر ٿيندا، پيپر ختم ٿيڻ شرط ڪاپيون سيل ٿينديون ۽ وري رجسٽرار جي موجود ۾ ڊي سيل ٿينديون، پيپرن جي چيڪنگ بھ ان ڪئمرا ٿيندي، جنھن کانپوءِ پيپر وٺڻ تائين عدالت جي ھدايتن موجب ڪم ٿيو، پر جڏھن پيپرن کي ڊي سيل ڪري چيڪ ڪرڻ جو مرحلو آيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ان وقت بھ ٽال مٽول ڪئي، رجسٽرار جي غير موجودگي ۾ پيپر ڊي سيل ڪري چيڪ ڪيا ويا، انھن ڊي سيل ڪيل پيپرن مان ڪجھھ پيپر ڪڍيا ويا، ان کانپوءِ رجسٽرار ھڪ رپورٽ ٺاھي عدالت ۾ پيش ڪئي جنھن ۾ وڏا انڪشاف ٿيل آھن، اھي شيون لکت ۾ موجود آھن، سپريم ڪورٽ امتحان وٺڻ کان ويندي پيپر چيڪ ڪرڻ ۽ نتيجا پڌرا ڪرڻ جو سڄو نظام ترتيب ڏنو ھو، پر سپريم ڪورٽ جي ھدايتن تي بھ عمل نھ ڪيو ويو. ھن چيو تھ ھاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي وائي واز کي شفاف بنائڻ جي لاءِ آسان طريقو ٻڌايو ھو تھ وائي واز گھٽ ۾ گھٽ 5 منٽ ۽ وڌ ۾ وڌ 20 منٽن تائين ٿئي ٿي تھ پوءِ ان کي ڪئمرا جي ذريعي رڪارڊ ٿيڻ گھرجي، ان سان شفافيت ايندي. ھن تجويز ڏني تھ جيڪڏھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ شفافيت آڻڻي آھي تھ ان جي مٿان نگراني ضروري آھي، سٺي ساک رکندڙ ٿرڊ پارٽي جي ذريعي نگراني ٿيڻ گھرجي، پيپر وٺڻ، پيپرن جي چيڪنگ ۽ وائي واز کي ڪئمرا جي ذريعي رڪارڊ ڪيو وڃي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لکت ۽ وائي واز جون مارڪون پڌريون ڪري، عام طور تي مارڪون پڌريون نھ ڪيون وينديون آھن. ھن چيو تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد 2020ع ۾ ميل ۽ في ميل ميڊيڪل آفيسرن واري ڪيس ۾ پڻ واضح ھدايتون جاري ڪيون ھيون، ان ڪيس جي ڪري ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، ھيرا ڦيري ۽ پنھنجا نوازي پڌري ٿي ھئي ۽ ادارو ڪجھھ وقت جي لاءِ بند بھ ٿي ويو ھو، پر ھاڻ تازو ميونسپل آفيسرن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آھن ان ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ بدعنواني ٻيھر پڌري ٿي چڪي آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سڌارا رڳو ان ڪري نٿا اچن تھ ھيرا ڦيري ۾ ملوث سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ماڻھن کي ڪا بھ سزا نٿي اچي، ميونسپل آفيسرن جي پوسٽ جا نتيجا اچڻ کان اڳ ئي ماڻھو اھي ڳالھيون ڪري رھيا ھئا تھ ھي سيٽون ڪيتري رقم ۾ وڪرو ٿي رھيون آھن. ھن چيو تھ سردارن، وڏيرن ۽ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻھن اھو نظام ٺاھي ڇڏيو آھي تھ نوڪريون بھ ھنن جي اولاد ۽ مٽن مائٽن کي ملنديون، 300 سئو سردار ۽ وڏيرا سنڌ جي ادارن تي قبضو ڪري ادارن کي بھ پنھنجي اولاد ۽ مٽن مائٽن جي ذريعي ھلائڻ چاھين ٿا. ھن چيو تھ جڏھن ميرٽ ۽ شفافيت جي ڳالھھ ڪجي ٿي تھ ڪجھھ نام نھاد دانشور ۽ نام نهاد سول سوسائٽي جا ماڻھو چون ٿا تھ نوڪريون وٺندڙ بھ پنھنجا سنڌي آھن ۽ نوڪريون وڪرو ڪندڙ بھ پنھنجا سنڌي آھن ان ڪري چپ ڪري ويھي رھو ۽ گوڙ نھ ڪيو، پر انھن ماڻھن کي اھو ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪي پئسا ڏئي نوڪريون وٺي رھيا آھن اھي اڳتي ھلي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ اھم عھدن ۽ چيف سيڪريٽري جھڙي پوسٽ تي اچي پھچندا تھ پوءِ سوچيو اھي رشوت تي ڀرتي ٿيل سنڌ جي ادارن سان ڪھڙو حشر ڪندا.