نواز شريف 2018ع ۾ مظلوم ۽ هاڻي فاتح بڻجي پهتو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) 2018ع ۾ نواز شريف گرفتاري ڏيڻ لاءِ مظلوم بڻجي مزاحمتي بيان سان وطن واپس آيو هو. نامياري صحافي  عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته ساڳو نواز شريف هاڻي فاتح بڻجي مفاحمتي بيانئي سان واپس آيو آهي. نواز شريف 2019ع ۾ سوديبازي ڪري پرڏيهه ويو هو ۽ ضرور ڪا سوديبازي ڪري واپس آيو آهي. پر هاڻي سياست ۾ هلچل پيدا ٿيندي عمران خان به هاڻي سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار اهي پر 9 مئي تي عمران خان اهو ڪجهه ڪري چڪو آهي جيڪو ڪا به سياسي پارٽي يا سياستدان نٿو ڪري سگهي. ان هوندي به نواز شريف کي مفاحمتي بيانئي موجب سڀني سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ڀلي ڪو سياستدان جيل ۾ هجي اهو قانون کي منهن ڏيندو. پر سياسي ٽڪراءَ کان بچڻ لاءِ معاشي ايجنڊا جي تڪميل لاءِ  سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ نواز شريف کي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.