اسلام آباد(م ڊ) بي بي سي موجب نواز شريف پاڪستان جي انهن وزير اعظمن ۾ شامل آهي، جن کي اسٽيبلشمينٽ سان خراب لاڳاپن جي ڪري هر ڀيري حڪومت مان ڪڍيو ويو آهي، پر هو ’خوش قسمت‘ به آهي جو هر ڀيري سمجھوتي جي نتيجي ۾ واپس آيو آهي.صحافي ۽ تجزئي نگار عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته اها نوازشريف جي هٿ جون لڪيرون ڀليون آهن يا سندس سياسي بصيرت يا اسٽيبلشمينٽ سان سندس سٺا لاڳاپن جو نتيجو آهي. نواز شريف جي خوش قسمتي جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ پنجاب کانسواءِ ڪنهن تي به ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پنجاب کي اڃا تائين ملڪ ۾ سياسي طاقت جو محور سمجهيو ويندو آهي.’سڀاڻي اهو به ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ڪنهن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي ويندو،بظاهر اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته نواز شريف جي پاڪستان واپسي اسٽيبلشمينٽ سان مفاهمت يا ’ڊيل‘ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته اهڙا منظر ماضي ۾ به ڏٺا آهن. ائين ٿي رهيو آهي جيئن سال 2018 کان اڳ عمران خان جي حمايت ڪئي وئي ۽ نواز شريف کي رستي تان هٽايو ويو. هاڻي نوازشريف کي به اهو ئي اختيار ڏنو پيو وڃي، سندس واپسيءَ لاءِ رستو هموار ڪيو پيو وڃي. تجزئي نگار مجيب الرحمان شامي جو خيال آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي جو هڪ سبب اهو به هو ته هن عوام سان تعلق نه ٽوڙيو. تجزئي نگار سلمان غني چيو ته هن ملڪ ۾ 70 سالن کان اسٽيبلشمينٽ هڪ سياسي حقيقت آهي. نواز شريف جيل به ويو پر هن ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا مڪمل طور نه ٽوڙيا.نواز شريف جي ڀاءُ شهباز شريف جا هميشه مسلم ليگ ن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن.نواز شريف کي واپس آڻڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مقبول قيادت جي ضرورت آهي.هن چيو ته عمران خان جي مقبوليت ختم ڪرڻ لاءِ اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا پنجاب ۾ مقبول هجي اسٽيبلشمينٽ جي خيال ۾ نواز شريف واپس اچي عمران خان جي مقبوليت کي متاثر ڪندو، جنهن جو فائدو ايندڙ چونڊن ۾ ورتو ويندو.