لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي اليڪشن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها پر هن نه ڪئي. جيو نيوز جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجاب جي انتظاميا نواز شريف جي مدد ڪئي، مسلم ليگ (ن) قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، اڄ شايد ڪرونيشن هئي، نواز شريف اڄ پنهنجي سي وي پيش ڪري رهيو هو، ڇا ڪنهن سياسي پارٽي کي اجازت آهي؟ ٽرين جي ڪوچ تي هن طرح رنگ ڪرڻ جي. جيڪڏهن توهان فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ اعلان ڪريو، چونڊن جي ڪهڙي ضرورت آهي. 03