لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاڻمرادو 4 سالا جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپس پهچي ويو جتي لاهور ۾ مينار پاڪستان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سندس ماءُ ۽ زال سياست جي ورچڙهي ويون. جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ڪيئي ورهين کانپوءِ اوهان سان ملاقات ٿي رهي آهي، اوهان منهنجو پيار جو رشتو ساڳيو آهي، ان رشتي ۾ ڪو فرق ناهي آيو. هن چيو ته مون ماضيءَ ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ جا مسئلا حل ڪيا، منهنجي خلاف جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، جيلن ۾ واڙيو ويو، شهباز شريف ۽ مريم خلاف ڪيس ٺاهيا ويا. نواز شريف پڇيو ته منهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها، اوهان ڄاڻو ٿا ڪير هجي ها، اهو آمريڪا جي صدر جي آڏو ڳالهائي سگهي ها؟ ڇا ان ڳالهه جي اسان کي سزا ملندي آهي، اسان جي حڪومت ٽوڙي ويندي آهي؟ اسان کي سزائون ڏياريون وينديون آهن؟. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڇا انڪري مون کي ڪڍيو ويو؟ انڪري ته نواز شريف پنهنجي پٽن کان پگهار نه ورتي، اهو ڪٿان جو فيصلو آهي؟ ڇا پاڪستاني قوم ان فيصلي سان اتفاق ڪري ٿي؟. نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته هن قيد ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ سان پنهنجي خاندان سان ڳالهرائن جي گذارش ڪئي هئي، پر سندس مطالبو نه مڃيو ويو هو. اڊيالا جيل جي ننڍڙي سيل ۾ واڙيو ويو، پوءِ ٻڌايو ويو ته اوهان جي زال ڪلثوم لاڏاڻو ڪري وئي آهي، مريم جو سيل ويجهو هيو پر هفتي صرف هڪ ڀيرو ملاقات جي اجازت هئي، جڏهن ته مريم کي اها خبر ڏني ته هوءَ بيهوش ٿي وئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عالمي اڳواڻن جا فون ايندا هئا ته اوهان کي ايٽمي ڌماڪو ناهي ڪرڻو، 5 ارب ڊالرن جي آڇ ڪئي وئي. پنهنجي خطاب ۾ نواز شريف چيو ته مونکي اِهو ٻڌايو ته ڪير آهي جيڪو نواز شريف کي سندس پيارن کان، قوم کان ڌار ڪري ڇڏيندو آهي، اسان ته پاڪستان جي تعمير ڪرڻ وارن مان آهيون، اسان پاڪستان لاءِ ايٽم بم ٺاهيو. جلسي کي خطاب دوران نواز شريف عوام طرفان پيار جي اظهار جو جواب به ڏنو، نواز شريف ته مون ڏاڍا ڏک ڏٺا، جن کي ياد نٿو ڪرڻ چاهيان، پر ڪجهه اهڙا ڏک به هوندا آهن ته جن کي وساري نٿو سگهجي پر انهن کي وقتي طور سائيڊ تي رکي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڙيسرين سان وڙهڻ ۽ دنيا سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪرڻ سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن هجي ها ته اوڀر ۽ اولهه پاڪستان وچ ۾ اقتصادي راهداري هجي ها، ڀارت به ان لنگهه کي رستو ڏئي ها، اوڀر ۽ اولهه پاڪستان. گڏجي ترقي ڪري ها، پر اسان چيو ته اوڀر پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهو ڪير آهن؟ اڳوڻي وزيراعظم فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪايو ۽ چيو ته هو فلسطين تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪري ٿو، الله فلسطين جي مدد ڪري، دنيا کان مطالبو ڪري ٿو ته فلسطين جو حل ڪڍي.