جنرل (ر) باجوا جي مائٽ صابر مٺو کان 18 بئنڪ اڪائونٽن بابت پڇاڻو

لاهور (عوامي آواز نيوز) جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ويجهي مائٽ صابر مٺو کان 18 بئنڪ اڪائونتن ۾ رقم جمع ٿيڻ ۽ رقم ڪڍرائڻ جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن،  نامياري صحافي رضوان رضي موجب  ايف آءِ اي نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته  صابر  مٺو جا 6 پرڏيهي ۽ 12  مقامي بئنڪن ۾ اڪائونٽ آهن. جن ذريعي  اٽڪل 24  ارب رپين جي رقم جمع ٿي آهي ۽ نڪتي آهي. ان جا تفصيل ايف آءِ اي طلب ڪيا آهن. آف شور ڪمپنين ۽ خاندان جي پرڏيهي سفر جا تفصيل به  گهريا ويا آهن.  صحافي موجب اهي تفصيل انڊر ورڊ جي فاروق ڊار  ادارن کي ڏنا آهن جيڪو پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي. رڳو صابر مٺو بابت تفصيل نه آهن، پر ترت  ئي ٻين شخصيتن جا تفصيل به سامهون اچي سگهن ٿا. ڇو ته اهي به اطلاع آهن ته انڊر ورڊ جي گرفتار ڪيل  عابد باڪسر  به ادارن کي ڪافي تفصيل ڏنا آهن. اهو به ممڪن آهي ته  پهرين صابر مٺو خلاف ڪارروائي ان ڪري ٿي هجي ته جيئن ٻين کي به گهيري ۾ آڻي سگهجي، ڇو ته صابر مٺو خلاف ڪارروائي جو مطلب جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جو گهيرو ڪرڻ برابر آهي، ٿي سگهي ٿو ته هاڻي جنرل (ر)  فيض حميد ۽ رٽائرڊ چيف  جسٽس ثاقب  نثار کي به نوٽيس جاري ٿيڻ جي خبر  منظر عام تي اچي وڃي، نواز شريف کي به شايد ان ڪري  خاموش ڪيو ويو آهي. ته اوهان نالا نه کڻون اهي اڳ ئي قانون جي پڪڙ ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.