نواز شريف جو ملڪ پهچڻ ۽ لاهور پاور شو!

تحرير: غلام حسين لغاري

پاڪستان مسلم ليگ (ن ) پنهنجي قائد محترم محمد نوازشريف جي پاڪستان واپسي تي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ پنهنجو پهريون پاور شو ڪيو آهي جنهن ۾ چئني صوبن جا ماڻهو ۽ ڪارڪن گهرايا جن ۾ هزارين شرڪاءِ نظر آيا جن کي هٿن ۾ جهنڊا ۽ ن ليگ جي لوگو واريون قميصون پاتل هيون جيڪي خاص ڌنن ۽ ترانن تي ناچ ڪندي جمهريون هڻي رهيا هئا.هونئن به پنجاب ن ليگ جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ هاڻ به آهي هن پاور شو جي اصل پاور هجو تڏهن ئي پتو لڳي سگهي ٿو جڏهن ن ليگ جي مخالفن کي به هن قسم جو پاور شو ڪرڻ جي اجازت ۽ اهي سهولتون ملن جيڪي ن ليگ جي ڪالهوڪي پاور شو کي مليون ڪٿي به ڪا رنڊڪ ڏسڻ ۾ نه ملي.

وطن روانگي کان اڳ ن ليگ قائد ميان محمد نواز شريف دبئي ايئرپورٽ جي لائونج ۾ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته سندس من ۾ ڪنهن به قسم جو انتقام ناهي ،هن سڀ ڪجهه خدا تي ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي بهتر ڪندو. هن اهي به الفاظ پڻ دهرايا ته  اسان نائين مئي وارا ناهيون پر 28 مئي وارا آهيون جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ن ليگ قائد نائين مئي واري بيان کي ايندڙ چونڊن ۾ استعمال ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.هونئن به پي ٽي آءِ جي مک ڪردارن ۽ اڳواڻن نائين مئي وارن جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي پارٽي قائد عمران خان کي اڪيلو ڪري ويا آهن جنهن جو سڌو سنئون فائدو به ن ليگ کي ئي پوندو.ميان صاحب اهو به باور ڪرايو آهي ته ن ليگ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ وقت جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي جيڪا هن وقت تڪبندين ۾ مصروف آهي جڏهن ته پ پ پ ن ليگ جي اهڙي موقف خلاف آهي ۽ نوي ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ آهي.سپريم ڪورٽ ۾ به هن ڏس ۾ ڪيس ٻڌڻي لاءِ لڳي چڪو آهي ڏسجي ته عدالت ڪهڙو ٿي فيصلو ڏئي جو آئين ۽ قانون مٿاهون سمجهيو وڃي ٿو.

ميان محمد نواز شريف اهو به ورجايو آهي چئن سالن بعد ته جنهن وقت وطن واپس پهچي رهيو آهي ته حالتون ڪجهه مختلف آهن جو 2017 ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو ڇڏڻ بعد ملڪ جتي ڇڏي ويو هو اڄ اتي ناهي .ملڪ معاشي مسئلن ۽ غربت جو شڪار ٿي چڪو آهي جنهن کي هو ٻاهر ڪڍڻ ۽ ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوشش ڪندو.عام راءِ اها آهي ته ملڪ جي معاشي تباهي مهانگائي ۽ وڌندڙ غربت ۾ ن ليگ جو خود به وڏو هٿ آهي جو گذريل ڏيڍ سال دوران ميان محمد شهباز شريف جي حڪومت هئي ۽ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به سندن گهر ڀاتي هو جيڪو ملڪ کي پنهنجي پيرن تي واپس بيهاري ته نه سگهيو البته عوامي ضرورتن وارين سمورين شين جا اگهه وڌيئي ڇڏيا هئا.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪجهه پي ٽي آءِ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ته ن ليگ ۽ سندس اتحادي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين به ڪين گهٽايو.

ن ليگ قائد ميان محمد نواز شريف مشرف دور حڪومت ۾ به جلاوطن رهيو ۽ اين آر او وٺي واپس وريو پوءِ به سندس وطن واپسي تي لاهور ايئرپورٽ تي لهڻ نه ڏنو ويو هو، پر هن ڀيري سندس جهاز کي وڏي پروٽوڪول ۽ مان سان بنا ڪنهن رنڊڪن جي اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي لهڻ ڏنو ويو جو بظاهر ته ملڪي عدالتن ٿوري مدت ۾ کيس وڏو رليف ڏنو، سندس راهداري ضمانت کنئي ۽ وارنٽ گرفتاري معطل ڪيا. اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ کيس وي وي پي آءِ پروٽوڪول مليو ۽ ايئرپورٽ جو اسٽيٽ گيسٽ لائونچ فراهم ڪيو ويو جتي هن اسحاق ڊار سميت ڪجهه پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف ڪيسن ۾ پٽيشنن داخل ڪرڻ لاءِ ڪاغذات تي صحيحون ڪيون جو 24 آڪٽوبر تي عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو وقت ڏنو آهي.

هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جڏهن ميان صاحب عدالت کان سزا کاڌي کيس نااهل ڪيو ويو ته انوقت ن ليگ ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ ۾ بلڪل ناڪام رهي يا وري پرڏيهه علاج لاءِ پئي ويو تڏهن به پارٽي ۾ خاموشي ڇانيل هئي. جڏهن ازخود جلا وطني ختم ڪري چئن سالن بعد واپس وطن وريو آهي ته لکن جي انگ ۾ پارٽي ورڪر سندس استقبال لاءِ روڊن تي نظر آيا.مينار پاڪستان تي جلسي گاهه جي انتظامن ۽ ورڪرن جي خاطر تواضع ڪرڻ لاءِ ئي چيو وڃي ٿو ته اربين رپيا خرچ ٿيا آهن، جڏهن ته چئني صوبن مان ڪارڪن ۽ ٻيا ماڻهو گهرائڻ تي به ظاهر آهي ته اربين رپيا خرچ آيو هوندو جو خاص ٽرينون ۽ بسون هليون آهن.هن وقت جڏهن ملڪي خزانو خالي پيل آهي ۽ ملڪ معاشي طور تباهه حال آهي ته پوءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو.پاور شو ڀلي ٿين جمهوري حق آهي جلسا ڀلي ٿين جمهوري حق آهي پر پاور شوز تي اجايا پئسا خرچ ڪرڻ سان ملڪ جي معاشي تباهي وڌي ٿي.ڪو ته پردي پويان اهو خرچ ڪندو هوندو. ميان صاحب کي جلد بازي ۾ عدالتي رعايت ۽ پروٽوڪول  ملڻ ۽ سندس ايڏو وڏو استقبال ٿيڻ، اربين رپيا خرچ ٿيڻ پويان ڪي ته هٿ آهن جيڪي کيس چوٿو ڀيرو وزير اعظم بنائڻ چاهين ٿا.

ن ليگ پي ڊي ايم جو حصو رهي آهي ۽ انجي سهولتڪاري هيٺ ئي پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف ايوان ۾ بي اعتمادي آڻي حڪومت ڪيرائي وئي ۽ ميان محمد شهباز شريف کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو.پورو ڏيڍ سال ن ليگ ۽ پ پ پ وچ ۾ گڏجاڻيون ٿينديون رهيون پر هن وقت ڌرين ۾ رابطن جو سلسلو ڪٽجي چڪو آهي.پ پ پ سميت ڪنهن به ٻي مک سياسي پارٽي اسلام آباد يا لاهور جي ايئرپورٽس تي ميان محمد نوازشريف جو استقبال ڪرڻ لاءِ ڏسڻ ۾ نه آيا جنهن مان به ڌرين ۾ دوريون محسوس ٿي رهيون آهن.جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين ۾ مفاهمتي سياست وارو لنڊن ٺاهه ٿيل هو تنهن هوندي به جڏهن سيد يوف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ هٽايو هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ميان محمد نوازشريف کيس فوري طور عهدو ڇڏڻ ۽ اپيل وسيلي فيصلي اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو زور ڀريو هو.هن وقت به ڌرين ۾ اهي دوريون وڌي رهيون آهن ۽ ممڪن آهي ته پ پ پ چئني صوبن ۾ ن ليگ جو سخت مقابلو ڪري ۽ ڪجهه پارٽين سان اتحاد به ڪري.

هن وقت ن ليگ قائد ميان محمد نوازشريف جو بال عدالتن ۾ آهي اهي ئي کيس مليل سزائن ۽ نا اهلي بابت پنهنجو فيصلو ٻڌائي سگهن ٿيون جنهن لاءِ هو 24 آڪٽوبر تي لاڳاپيل عدالتن ۾ پاڻ کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ پهچندو جيڪو قانوني ۽ آئيني طريقو آهي پر ڪجهه سياسي ۽ قانوني حلقا ان خيال جا به آهن ته ميان صاحب کي شايد ئي 2024 واريون چونڊون نصيب ٿين جو مٿس نا اهلي واري تلوار اٽڪيل آهي جيستائين اها نٿي هٽي.ممڪن آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر احتساب ۽ سڪيورٽي جا سبب سامهون آڻي چونڊن کي سال ڏيڍ پوئتي ڪيو وڃي پر انجو دارومدار به سپريم ڪورٽ جي ممڪن فيصلي تي منحصر آهي ڏسجي ته اها ڪهڙو فيصلو يا حڪم صادر ڪري ٿي.جيڪڏهن نا اهلي ختم نٿي ٿئي ۽ چونڊون به پنهنجي وقت تي ٿين ٿيون ته پوءِ ميان صاحب پنهنجي نياڻي کي بطور وزيراعظم سامهون آڻي سگهي ٿو جنهن جا به امڪان آهن.

 

ن ليگ قائد ميان محمد نواز شريف مشرف دور حڪومت ۾ به جلاوطن رهيو ۽ اين آر او وٺي واپس وريو پوءِ به سندس وطن واپسي تي لاهور ايئرپورٽ تي لهڻ نه ڏنو ويو هو، پر هن ڀيري سندس جهاز کي وڏي پروٽوڪول ۽ مان سان بنا ڪنهن رنڊڪن جي اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي لهڻ ڏنو ويو جو بظاهر ته ملڪي عدالتن ٿوري مدت ۾ کيس وڏو رليف ڏنو، سندس راهداري ضمانت کنئي ۽ وارنٽ گرفتاري معطل ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.