جنھن انداز م نوازشريف کي گھرائي تاج پوشي جو اھتمام ڪيو پيو وڃي.ان ھاڻوڪي حڪومتي نظام کي بري طرح وائکو ڪري ڇڏيو آھي.مبصرن جي راءِ ۾ سڀ ڪجھه مذاق بڻجي ويو آھي.ھاڻي تھ ھڪ عام ماڻھو بھ ان کي ھڪ وڏي ٺڳي سمجھندو.سموري ملڪ ۾ مختلف لالچ واري واردات جي طريقي سان ڪارڪنن،غريبن کي سرڪاري سرپرستي ۾ مينار پاڪستان تي جلسي جو ڊرامو ڪري حڪومت حاصل ڪرڻ جو وائڙو ڀوڳ ۽ طريقو عوام اختيار ڪيو پيو وڃي.جيڪو عوام تي مڙھيو پيو وڃي.کيس عوامي حمايت حاصل نھ آھي.بلڪھ اھا قبوليت ڪنھن ٻئي پاسي کان ملي رھي آھي.جنھن جو اندازو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ٻين عھديدارن جي بيانن مان لڳائي سگھجي ٿو.
افغانستان جي اڳواڻي صدر سان ھن جي ڀيٽ ڪنھن حد تائين ٿي سگھي ٿي يا نٿي ٿي سگھي ان جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو.2001 جي پچاڻي تي جڏھن افغانستان ۾ آمريڪي ۽ ان جا اتحادي نيٽو جي فوجي ڪابل تي گرفت مضبوط ڪري ورتي ھئي تھ ان موقعي تي ھڪ سياستدان اشرف غني جيڪو آمريڪا ۾ رھيو پيو ھو.اھو ڳچ وقت کان تدريس ۽ معيشت جي شعبي سان لاڳاپيل ھو.اھو افغانستان واپس آيو،ممڪن آھي کيس آندو ويو ھجي،سال 2002 ۾ اھو حامد ڪرزئي جي حڪومت ۾ ناڻي واري وزير جي عھدي تي فائز ڪيو ويو.
جنھن کي بعد ۾ 2014 جي تڪراري چونڊن ۾ ملڪ جو صدر چونڊرايو ويو.انھن چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌکي ۽ گڙ ٻڙ جي الزام لڳايا ويا ھئا.آگسٽ 2014 جي وچ ڌاري جڏھن ھزارين طالبان ڪابل جو گھيرو ڪري ورتو ھو ۽ افغان فوجي بھ طالبان سان سمجھوتو ڪرڻ لڳا تھ اشرف غني ڊالرن جو ٻوريون ڀري جھاز ۾ ويھي فرار ٿي ويو.سندس اقتدار تي قبضو برقرار رھي ھا تھ شايد اولھھ ۽ ھندوستان نوازپاليسي ۾ اڳيان وڌي وڃي ھا ۽ اڄوڪي دور ۾ ھن جي پاليسي بھ ساڳئي نموني جي ٿي پئي سگھي.
عالمي پس منظر ۾ ھڪ اسٽيج نوازشريف جي لاءِ بھ سجايو ويو آھي.ھن وقت گھڻو ڪجهھ اندر اندر ھلي رھيو آھي.مسلم ليگ کي چونڊن ذريعي اقتدار حوالي ڪرڻ،پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ ۽ باقي سياسي جماعتن کي محدود ڪرڻ وغيرھ جون رٿون شامل آھن.ان ڪري چونڊن جي تاريخ ۾ پڻ بي يقيني آھي.ڪنھن قطعي تاريخ جو اعلان نھ ڪيو ويو آھي.سياستدانن جي مٿان گرفتاري جي تلوار ٽنگي وئي آھي.گڏوگڏ نيئن وزارتن جي لالچ پڻ ڏني وئي آھي.جيئن اھي نھ نظر ايندڙ زنجير ۾ ٻڌل ھجن.
اھا ھڪ حقيقت آھي تھ پاڪستان جا اڪثر سياسي معاملن جا اھم فيصلا پردي جي پٺيان طئي ڪيا ويندا آھن.پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي انت کان اڳ تائين ملڪي معاملن کي عام طور تي آئين جي دائري جي اندر طيھ ڪيو ويندو ھو يا ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ويندي ھئي.پر ھاڻي سڀ ڪجهھ پورو ٿي ويو آھي.
ھاڻوڪي مسلسل وڌندڙ عدم استحڪام جي شروعات ان وقت ٿي جڏھن مارچ 2022 ۾ بي اعتمادي جي تحريڪ جي ذريعي اڳوڻي وزيراعظم، شوڪت خانم جي پٽ جي حڪومت جي خاتمي بعد آئين جي دائري ۾ رھندي حڪومت جي نظام کي برقرار رکڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو.نتيجو اھو نڪتو جو عدالتي نظام گھڻو متاثر ٿيو.ان جي ساک مجروح ٿي ۽ پارليامينٽ غيرفعال ٿي وئي ۽ پنھنجي اندر وڌيڪ خرابيون پيدا ڪري وئي.ميڊيا پابندين جي زد ۾ اچي ويو ۽ ان تي تان عوام جو اعتماد کڄي ويو.معاشرو عام طور تي لاقانونيت طرف گامزن آھي.
پاڪستان پنھنجي مخصوص جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري عالمي حالتن سان متاثر ٿئي ٿو ۽ ان جي سياست پڻ گھڻي دٻاءُ ۾ اچي ٿي.يوڪرين ۽ روس جي جنگ جا پاڪستان تي گھرا اثر مرتب ٿيا آھن.اتفاق سان پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عين ان وقت روس جي دوري تي ھليو ويو جڏھن روس يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو ھو.سندس بقول ھن کي ان حملي بابت اڳواٽ علم نھ ھو.ھن جي تصوير ان وقت صدر پيوتن سان گڏ ڏيکاري پئي وئي جڏھن روس جي يوڪرين تي حملي جي خبر پڻ سامھون اچي رھي ھئي.آمريڪا ۽ اولهھ جي ڪاوڙ خطري ھئي،ھندوستان پڻ عرصي کان پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خاتمو چاھي رھيو ھو.ان جي لابي پڻ سموري دنيا ۾ متحرڪ ٿي وئي ۽ ان جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ ، جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.پر عوامي سطح تي ان تبديلي کي پذيرائي نھ ملي سگھي.معيشيت تي ان جا انتھائي منفي اثر پيا.غربت ۾ اضافو ٿيو.مھانگائي عوام جي زندگيءَ کي مشڪلات ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.وڌندڙ لاقانويت ۽ عدم تحفظ جي ڪري موجودھ نظام تي عوام جي وڏي اڪثريت يقين نٿي رکي.جنھن ڪري ھاڻوڪو نظام مسلسل ڪمزور ٿي رھيو آھي. آئين ۽ قانون سان ئي معاشرو نظم و ضبط ۾ سان انتشار ۽ افراتفري کان محفوظ رھي ٿو.
جھڙي طرح ڪنھن قانون کي لاڳو ڪندڙ اداري کي نظم وضبط جي ضرورت ھوندي آھي.اھري ريت معاشري ۾ پڻ ھڪ موثر آئين ۽ قانون جي ضرورت ھوندي آھي.اھو معاشرو جتي پارليامينٽ ناھي،اتي پڻ قانون جي عمل ٿئي ٿو.ھن وقت جنھن انداز ۾ ملڪ ھلي رھيو آھي.ان جو نتيجو وڌيڪ عدم استحڪام کانسواءِ ڪجھھ بھ آھي.وڏيون طاقتون بھ حالتن کي درست نٿيون ڪري سگھن.دنيا جون سموريون قوتون گڏجي ڪري بھ لاقانويت جي نظام جي ذريعي ڪنھن معاشري ۾ استحڪام پيدا نٿيون ڪري سگھن ۽ نھ ئي معاشي نظام جو ڪم ڪري سگھي ٿو.
پاڪستاني سياست ۾ جيڪا تباھي ۽ بربادي ٿي چڪي آھي. ان کي سڌي رستي تي آڻڻ آسان نھ آھي.ان جي لاءِ وڏي پئماني جي اتفاق راءِ جي ضرورت آھي.جنھن جي لاءِ وقت گھربل آھي.ٻئي پاسي پاڪستان تي عام چونڊن جو دٻاءُ آھي.اھو ئي سبب آھي جو ھڪ وقت حل ڳوليو پيو وڃي.جنھن ۾ مسلم ليگ ن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جي تجويز جو ذڪر ھر ھنڌ بحث جو موضوع بڻجي ھلي رھيو آھي.نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي سگھي ٿو.ھو ھڪ شھنشاھ جي طور تي واپسي چاھي ٿو.جنھن جي لاءِ سندس جماعت کي ڀرپور آزادي ۽ خاموش حمايت حاصل آھي.جڏھن تھ پي ٽي آءِ تي اڻ اعلانيل پابندي آھي.چيئرمين پي ٽي آءِ جيل ۾ آھي، امڪان آھي ھن کي عمر قيد جي سزا يا موت جي سزا ٻڌائي وڃي.ھن کي 9 مئي جي بغاوت جو مرڪزي ملزم قرار ڏنو پيو وڃي.
اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن مسلم ليگ ن ھڪ ووٽ جي اڪثريت سان حڪومت حاصل ڪري ٿي وٺي تھ نوازشريف ان کي ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.ھو آمريڪا ،اولهھ ۽ ھندوستان جو مڪمل تعاون حاصل ڪري وٺندو.جڏھن تي پاڪستان جي سمورن ادارن جي اعليٰ عھدن تي پنھنجن وفادار ماڻھن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪرڻ ۽ سياستدانن جي نامزدگيءِ جي بھ مڪمل صلاحيت رکي ٿو.ھن جو سڌو فارمولو ڪم ڪندو تھ خريد ڪري وٺو يا برطرف ڪري ڇڏيو.ھڪ ڀيرو ھو اقتدار ۾ اچي ويو تھ سموري ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھو پنھنجي حڪمراني کي مستحڪم ڪري وٺندو.
جنھن انداز م نوازشريف کي گھرائي تاج پوشي جو اھتمام ڪيو پيو وڃي.ان ھاڻوڪي حڪومتي نظام کي بري طرح وائکو ڪري ڇڏيو آھي.مبصرن جي راءِ ۾ سڀ ڪجھه مذاق بڻجي ويو آھي.ھاڻي تھ ھڪ عام ماڻھو بھ ان کي ھڪ وڏي ٺڳي سمجھندو.سموري ملڪ ۾ مختلف لالچ واري واردات جي طريقي سان ڪارڪنن،غريبن کي سرڪاري سرپرستي ۾ مينار پاڪستان تي جلسي جو ڊرامو ڪري حڪومت حاصل ڪرڻ جو وائڙو ڀوڳ ۽ طريقو عوام اختيار ڪيو پيو وڃي.جيڪو عوام تي مڙھيو پيو وڃي.