”جنگ ختم ٿي وئي، امن اچي ويو“ اڄ نئين اوڀر لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي: ٽرمپ

تل ابيب (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتنياهو جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ”بهادر ۽ دلير شخص“ قرار ڏنو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل پارليامينٽ مان خطاب ڪندي انهن عربي ملڪن جا به ٿورا مڃيا جن ڳالهين ۾ مدد ڪئي، هن چيو ته ”هيءَ تمام وڏي فتح آهي ۽ انهن گڏجي ڪم ڪيو آهي.“
ٽرمپ چيو ته هاڻي اسرائيل ۽ پوري خطي لاءِ سونهرو دور شروع ٿي چڪو آهي.
ٽرمپ پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ اسرائيلي پارليامينٽ بابت چيو ته ”هي سٺي جاءِ آهي، واقعي ڏاڍي سٺي جاءِ آهي.“
هن چيو ته اڄ اسان هڪ خوشي ۽ اميد سان ڀرپور ڏينهن گڏجي ملهائي رهيا آهيون.
ٽرمپ چيو ته اونداهين ۽ قيد ۾ گذريل ٻن ڏکين سالن کان پوءِ 20 بهادر يرغمالي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس اچي رهيا آهن.
مارجي ويل يرغمالين بابت چيو ته 28 ۽ قيمتي پيارا نيٺ هن مقدس مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرام ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جنگ ختم ٿي وئي آهي، هي علائقو هاڻي امن ۾ آهي ۽ اميد آهي ته سدائين ائين ئي رهندو.
ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.