” فلسطين کي تسليم ڪيو“ ٽرمپ جي خطاب دوران اسرائيلي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جو احتجاج

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسرائيل پارليامينٽ ۾ خطاب دوران مخالف ڌر جي هڪ رڪن احتجاج ڪرڻ سبب ٻاهر ڪڍيو ويو.
ڄاڻايل اسيمبلي ميمبر جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ کنيل هو جنهن تي ”فلسطين کي تسليم ڪيو وڃي“ لکيل هو.
اسپيڪر امير اوهانا احتجاج ڪندڙ ميمبر کي ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن فوري طور کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
مخالف ڌر جي رڪن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اسپيڪر طرفان سندس نالو اوف ڪاسف ورتو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ جي اجلاس دوران احتجاج ڪرڻ سبب ٻه ڄڻن کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍيو ويو، احتجاج سبب ٽرمپ جي خطاب ۾ ٿوري دير لاءِ رنڊڪ پيدا ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.