امن معاهدي تحت حماس سمورن اسرائيلي يرغمالين کي ڇڏي ڏنو،1700 کان وڌيڪ فلسطيني به غزا پهچي ويا

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا امن معاهدي تحت فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسرائيل طرفان 1700 کان وڌيڪ فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، حماس اڄ مرحليوار سمورن 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، پهرين مرحلي ۾ 7 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 13 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو.
غزا امن معاهدي تحت حماس سڀ 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو، جڏهن ته 1600 کان وڌيڪ فلسطيني به غزا پهچي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، حماس اڄ 28 يرغمالين جا مڙهه به اسرائيل جي حوالي ڪندي، جڏهن ته اٽڪل 1700 فلسطيني قيدي اسرائيلي جيلن مان بس ۾ سوار ٿي غزا ۽ فلسطيني اولهندي ڪناري پهتا.
رپورٽن موجب اسرائيلي قيد مان آزاد ٿيندڙ فلسطيني قيدين کي ڏکڻ غزا جي النصرا اسپتال ۾ آندو ويندو جتي کين طبي امداد مهيا ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ اڄ غزا امن معاهدي تي صحيحن جي باظابطا تقريب ٿيندي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سميت مختلف ملڪن جا سربراهه تقريب ۾ شرڪت لاءِ مصر پهچي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.