ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس شهر ۾ احتجاج جي خبرن کي افواهه قرار ڏيندي شهرين کي نهن تي ڌيان نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ هڪ مذهبي جماعت جي احتجاج جي سڏ تي پوليس مختلف هنڌن تي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت شهر جي صورتحال معمول موجب آهي ۽ شهر ۾ ڪنهن به هنڌ ڌرڻو يا احتجاج نه ٿي رهيو آهي. شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، جنهن سبب ڪنهن کي احتجاج ڪرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس تيار آهي، قانون جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
پوليس اختيارين موجب، مختلف طريقن سان افواهه پکيڙيا پيا وڃن، شهرين افواهن تي ڌيان نه ڏين، ڪراچي ۾ هن وقت ڪنهن به هنڌ احتجاج نه ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ڌرڻن ۽ احتجاج جي افواهن سبب ماڻهن پنهنجا بند ڪري ڇڏيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچيءَ ۾ احتجاج جي ڪوشش ڪئي وئي، پر مظاهرين کي ڇروڇڙ ڪيو ويو ۽ وڳوڙن ۾ ملوث 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
You might also like