واپارڪي پنجوڙ ۾ ڦاٿل پورهيت

تحرير: قاسم خاصخيلي

توڙي جو ڪافي عرصي کان پوءِ  حڪومت پاران عوام کي ريليف جي نالي تي پيٽرول جو قيمتون لڳاتار ٻيو ڀيرو گھٽ ڪيون ويون آھن پر ان ريليف جو مڪمل ثمر عوام کي ڪيترو مليو، اهو ريليف عوام کي ملندو به يا اها ڳالھه به مڙئي قوم سان مذاق سمجهي وساري ڇڏجي!!

هن وقت جتي پورهيت طبقو پيٽرول جي قيمتون گھٽ ٿيڻ تي پاڻ کي ملندڙ ريليف جي اوسيئڙي آھي اتي ملڪ جو واپاري طبقو وري قوم کي ڪوبه ريليف ڏيڻ جي موڊ ۾ نظر نه پيو اچي جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت طبقو هڪ ڀيرو ٻيھر مايوسين جي ور چڙھندي محسوس ٿي رهيو آھي، ان ناانصافي جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ  حڪومتي مشينري کي تحرڪ ۾ اچي واپاري طبقي جي ناجائزين خلاف ڀرپور ۽ فيصلائتو آپريشن ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آھي

هونئن به اسان چئون ٿا ته هن ملڪ جو الميو سمجهون يا حڪومتي آشيرواد جو جڏهن به ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌنديون آھن ته پوءِ  ان سان هڪدم ئي کاڌي پيتي کان وٺي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن سميت هر شيءِ کي ڄڻ ته ڪا باھ لڳي ويندي آھي ۽ انهن جو قيمتون راتو رات وڌي وينديون آھن جن تي ائين ڀائنجي ٿو ته ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ئي ناهي هوندو، پر جڏهن وري ڪڏهن ڪو ڀلجي ٿورو رحم کائي حڪومت انهن تيل جي وڌايل قيمتن کي گھٽ ڪري ٿورو گهڻو ريليف ڏيڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي ته واپاري طبقي کان ويندي ٽرانسپورٽر، ايتري قدر جو فيڪٽري مالڪ ۽ پيٽرول پمپ مالڪ به فرعونيت جو ڪردار ادا ڪري حڪومتي ڏنل ريليف جو لاڀ عام ماڻھو تائين پهچائڻ ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي پوندا آھن، جنهن سبب واپارڪي پنجوڙ ۾ پورهيت طبقو پيو پيڙھبو رهبو آھي جيڪو نهايت ئي افسوسناڪ عمل آھي.

هن وقت ملڪ ۾ جڏهن پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيون آھن ۽ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ريٽ ۾ پڻ ڪافي حد تائين لاٿ آئي آھي تڏهن عام ماڻھو هڪ بهتر ريليف لھڻي ٿو ڇو ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي کان وٺي هر شيءِ جون قيمتون لڳاتار وڌنديون رهيون آھن جنهن ڪري هڪ ڏهاڙي دار مزدور وڏي عتاب جو شڪار بڻيل آھي، حڪومت کي گھرجي ته هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ملڪ ۾ پيٽرول ڊيزل ۽ ڊالر جي گھٽ ٿيندڙ قيمتن جو لاڀ عام پورهيت کي ڏنو وڃي، عام ماڻھو لاءِ  اٽو، کنڊ، پتي، گيھه، مرچ مصالحن سميت ٻين عام واهپي جي شين ۾ نمايان گھٽتائي لاءِ  قدم کنيا وڃن ڇو ته هڪ پوهيت ماڻھو ڊالر خريد ناهي ڪندو ۽ نه ئي هر مسڪين ماڻھو ڪو پنهنجي سواري جو مالڪ هوندو آھي جو ان کي ڊالر ۽ تيل گھٽ ٿيڻ سان فائدو ملي، اگر ڪنهن مسڪين وٽ ڪا ڦٽل پراڻي موٽر سائيڪل هوندي به سھي ته اهو مسڪين وڌ ۾ وڌ ان ۾ هڪ سؤ جو ئي مس پئٽرول ڀرائيندو جنهن حساب سان ان کي ڪو خاص فائدو ناهي پوندو پر وڏا ٽرانسپورٽر هڪ پاسي پنهنجي گاڏين ۾ سوين ليٽر پيٽرول يا ڊيزل ڀرائي هزارين روپين جو فائدو الڳ وٺن ٿا ته ٻئي پاسي وري پنهنجا مقرر ڪيل ساڳيا ڀاڙا وٺي ٻنهي طرفن کان وڏا فائدا حاصل ڪن ٿا، ائين ئي واپاري طبقو پڻ هڪ طرف شين جا ريٽ وڌائي ڪمائي ٿو ته ٻئي طرف وري ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سبب عام ماڻھو کي ٻنھي هٿن سان پيو ڦريندو آھي تنهن ڪري موجوده نگران حڪومت کي گهرجي ته واپارڪي پنجوڙ ۾ ڦاٿل پورهيت طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ لاءِ  سڄي ملڪ ۾ خصوصي ٽيمون جوڙي هٿ ٺوڪيا وڌايل کاڌي پيتي سميت ٻين شين جا اگجھ ۽ خاص طور هڪ شھر کان ٻئي شھر هلندڙ پبلڪ توڙي گڊز ٽرانسپورٽ تي مڪمل نظر رکي وڃي ته جيئن تازو لڳاتار گھٽ ٿيندڙ ڊالر سميت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن جو پورو پورو ريليف عوام تائين پھچي سگهي ۽ پورهيت طبقو واپارڪي پنجوڙ مان آزاد ٿي سک جي زندگي گذاري سگهي ۽ پنهنجي ٻچڙن کي ڪا مناسب خوراڪ کارائي سگهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.