موجوده دور ۾ خاص طرح پاڪستان جي سياسي پسمنظر ۾ نواز شريف جي ڏيهه واپسي حڪمران طبقي جي سياست ۾ اهم واقعو آھي خاص طرح ان وقت جڏھن ملڪ جو سياسي معاشي معاشرتي قانوني آئيني بحران عروج تي آھي حڪمران طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي ملڪ جو هڪ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيل ۾ آھي پي ڊي ايم اتحاد خاتمي طرف روان دوان آھي مسلم ليگن ۽ پيپلزپارٽي ۾ به اقتدار جي حوالي سان حصي پتي تي جهيڙو آھي اليڪشن جي صورتحال به غير يقيني واري آھي اليڪشن ڪميشن کي ڪير قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي مسلم ليگ ن چوي ٿي ته اسان جون ڳالهيون ٿي ويون آھن نواز شريف چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيندو
مهانگائي بيروزگاري عروج تي آھي. ماڻھون خودڪشيون ڪري رهيا آھن ان موقعي تي نواز شريف وٽ ڪهڙو معاشي پروگرام آھي اهوبه واضح ناهي هن وقت تائين فقط نعري بازي ٿي رهي آھي جن کيس اڳ ۾ ھٽايو هو اهي ئي ساڻس وري نوان معاهدا ڪري کيس آڻي رهيا آھن ان صورتحال ۾ ھن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڇا آھي اهو سوال هن وقت اهم آھي هن وقت هي مهانگائي کي ڪهڙي ريت ختم ڪندو اهو به اهم معاملو آھي جنهن جو ڪو به جواب ناهي
هنن معاملن کانسواءِ نواز شريف جي ذات لاءِ به هتي خطرا موجود آھن کيس عوامي هنڌن تي ظاهر ٿيڻ کان روڪيو ويو آھي سندس زندگي کي خطرو به آھي هتي ڪي اهڙا عنصر آھن جيڪي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا سڪيورٽي جا خدشا به ظاهر ڪيا ويا آھن
نواز شريف جي واپسي تي پيپلزپارٽي وچ ۾ به اختلاف آھن، پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۾ واپسيءَ جي لاءِ ن ليگ مخالف بيان بازي اختيار ڪرڻي پوندي’ پاڪستان ۾ نگران حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ امڪاني عام چونڊن کان اڳ سياسي ماحول ۾ تيزي اچي رهي آهي، جڏهن ته گذريل حڪومت جي اتحادي جماعتن مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ بيان بازي شروع ٿي وئي آهي.
ايندڙ عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ ن پنهنجي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي لنڊن کان وطن واپسيءَ جي تاريخ سان گڏ هيءُ اعلان به ڪيو آهي ته هو پنجاب ۾ ڪنهن پارٽيءَ سان اتحاد نه ڪندي. نواز شريف نومبر 2019 ۾ علاج جي لاءِ برطانيا ويو.هڪ طرف پيپلز پارٽيءَ جوهيءُ اعتراض آهي ته ان کي پنجاب ۾ ’ليول پليئنگ فيلڊ’ ميسر ناهي جڏهن ته ان سان گڏ و گڏ 90 ڏينهن جي آئيني مدت ۾ چونڊون ٿيڻ جي گهُر به ڪري رهي آهي.
سياسي مبصرن چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ سياسي جاءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جي لاءِ مسلم ليگ ن جا اڳواڻ تيار ناهن. اهو ئي سبب آهي ته ٻنهي پارٽين جي لهجي ۾ فرق اچي ويو آهي.گذريل حڪومت جي اتحادي پارٽين مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ مخالفاڻي سوچ پيدا ٿيڻ بابت، سينئر صحافي سليم بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ناراضگيءَ جو سبب اهو به آهي ته مسلم ليگ ن ان کي پنجاب ۾ چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي لاءِ مناسب موقعو نه ٿي ڏئي، جڏهن ته ڪنهن وقت ان معاملي تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نواز شريف کي رضامند ڪري چڪو هو.
مسلم ليگ ن پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي موجودگيءَ کي مڃڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي. سندس چواڻي، مسلم ليگ ن پنهنجي سياسي ميدان سمجهيل صوبي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ڪا رعايت نه ٿي ڏئي.
پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ مسلم ليگ ن مخالف بيان بازي اختيار ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟ سينئر صحافي مظهر عباس چيو آهي ته پيپلز پارٽي اندر اها راءِ عام آهي ته پنجاب ۾ سندس ووٽر روايتي طور مسلم ليگ ن جو مخالف رهيو آهي جنهن کي واپس آڻڻ جي لاءِ مسلم ليگ ن مخالف بيان بازي اختيار ڪرڻي پوندي ، هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي لڳي ٿو ته 2018 ۾ ان کي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ وارو ووٽر ان ئي صورت ۾ واپس اچي سگهي ٿو جڏهن پي ٽي آءِ جي بدران مسلم ليگ ن سان سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪيو وڃي.
مسلم ليگ ن چونڊن کان ڇو ڀڄي رهي آهي؟
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو ته پيپلز پارٽي 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي گهُر ڪري رهي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن اليڪشن ڪميشن جي ترجمان بڻجي ايندڙ چونڊن جي تاريخ ڏئي رهي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان مطابق مسلم ليگ ن کي غلط فهمي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڏکيائن جي ڪري هو پنجاب ۾ سولائيءَ سان کٽي ويندي، ته اها سندس غلط فهمي آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته مسلم ليگ ن چونڊن کا ڀاڄ ڇو کائي رهي آهي.
پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ ن ۾ چونڊن جو اتحاد مشڪل آهي؟
سياسي مبصرن چيو آهي ته چونڊن دوران مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ سياسي سخت لهجو ۽ تلخي وڌندي، پر ممڪن آهي ته چونڊن کان پوءِ ٻئي ٻيهر اتحادي بڻجن.هن سموري صورتحال ۾ وڏو چئلينج ملڪي معاشي صورت حال هوندي جنهن ۾ غريب عام ماڻھو پيسجي رهيو آهي.