ايندڙ اليڪشن لاءِ اسلام آباد جي حلقن ۾ ڳٺ جوڙ کان پوءِ ۽ نواز شريف لاءِ اڳ پيدا ٿيل کڏن کٻن جي رستن کي هموار ڪرڻ لاءِ جيڪا جوڙ توڙ شروع ٿي ويئي آهي. ان مان پڪ سان سمجهي سگهجي ٿو ته نواز شريف کي ڪنڊن واري ڪرسي تي ويهارڻ بدران سيج واري ڪرسي تي ويهاريو ويندو. بحرالحال نواز شريف لاءِ گيٽ نمبر چار کولي ويئي آهي. باقي ٻين لاءِ معافي لاءِ کليل رهندي. زرداري جا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا نه رڳو بحال ٿي ويا آهن پر صحيح به ٿي ويا آهن ايتري حد تائين جو ايندڙ حڪومت جيتوڻيڪ مخلوق يعني قومي حڪومت هوندي ان ۾ پ پ به شامل هوندي پر ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي ٿيندو. پ پ کي ملڪ جي صدارت ئي ملي سگهي ٿي.
هن وقت زرداري اليڪشن کان اڳ سنڌ ۾ وڏي سياسي صف بندي ڪري رهيو آهي زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي ڪا مضبوط سياسي ٽيم جوڙي ڏيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. زرداري پ پ اندر وڏيون تبديليون ڪرڻ وڃي رهيو آهي. پارٽي اندر اصلاحات ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪو هميشه کان بلاول ڀٽو زرداري جو به خيال رهيو آهي. ان ۾ دير ڇو ٿي؟ ان جا به ڪافي سياسي سبب ۽ مصلحتون ٿي سگهن ٿيون. هڪ ته ان ۾ قيادت اندر ئي رنڊڪ وڌي پئي وئي ۽ ٻيو ته پ پ جو سياسي مخالفن سان رابطن جي بحالي جو وڏو فقدان رهيو. زرداري چاهي ٿو ته سنڌ ۾ طاقتور سياسي مخالفن کي پ پ ۾ آڻي انهن کي سيٽون ڏنيون وڃن ۽ ايندڙ ممڪن طور پ پ جي حڪومت ۾ انهن کي وزارتون ڏنيون وڃن ته جيئن انهن کي پڪو ۽ هميشه لاءِ پيپلو بڻايو وڃي. ان سان پ پ کي وڏو سياسي فائدو ٿيندو هڪ ته پارٽي هميشه لاءِ مضبوط ٿيندي ٻيو بلاول ڀٽو زرداري کي مضبوط ٽيم جڙي ملندي ۽ ٽيون زرداري کي ايندڙ وفاقي حڪومت ۾ بهتر حصو پتي ملي سگهي ٿو ۽ زرداري نواز شريف مٿان اڪثريتي اتحادي طور پريشر ڏيئي سگهندو.
تازو سنڌ جي سياست ۾ وڏو سياسي رانديگر ۽ سياسي گرو چيف سرداري علي گوهر خان مهر ڪراچي بلاول هائوس ۾ آصف زرداري سان نيٺ ملاقات ڪري پنهنجو پاڻ کي پ پ آڏو پيش ڪندي شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. ان ملاقات ۾ سيد ناصر حسين شاهه پڻ موجود هيو. سردار علي گوهر خان موهر کي جي ڊي اي جي آکيري مان اڏار ڪرائي پ پ جي آکيري ۾ آڻڻ لاءِ سيد ناصر حسين شاهه جو اهم ۽ ڪيليدي ڪردار آهي. ڇاڪاڻ ته پرويز مشرف جي دؤر حڪومت ۾ سردار علي گوهر خان مهر سيد ناصر حسين شاهه کي ق ليگ طرفان سکر جو ناظم بڻايو. ايئين کڻي چئجي ته سردار علي گوهر خان مهر ۽ ناصر حسين شاهه جو هڪ ٻئي سان تمام پراڻي دوستي آهي. هن وقت پ پ ۾ سيد ناصر حسين شاهه جو اهم ڪردار تصور ڪيو وڃي ٿو باقي سڀ پاسيرا آهن. سندس ۾ سياسي بصيرت ۽ اهليت آهي. سيد خورشيد شاهه کان سکر آهستي آهستي سندس هٿن مان کسڪي رهيو آهي ۽ سيد ناصر حسين شاهه جي گرفت مضبوط ٿيندي پئي وڃي. سردار علي گوهر خان مهر سان پ پ قيادت جا ڪافي وقت کان رابطا هلندڙ هئا. پر ڪجهه وقت ۾ ان رابطن ۾ خلل پوندو رهيو. جنهن جي ڪري رابطا منقطع رهيا. پر سيد ناصر حسين شاهه وڏو جاکوڙي سياستدان آهي اهو رابطن جي بحالي لاءِ ڪوششن ۾ رڌل هئو.
هن وقت جي ڊي اي جي مضبوطي وارو سوال پنهنجي مقصود منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي ٽٽي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته سردار علي گوهر مهر جو جي ڊي اي ۾ هجڻ سان جي ڊي اي سنڌ ۾ پنهنجو معيار برقرار رکيون پئي آئي. هاڻي جڏهن سردار علي گوهر خان مهر جي ڊي اي کي الوداع چوندي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ته جي ڊي اي سنڌ ۾ پنهنجو سياسي قد برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهندي. سردار علي گوهر خدان مهر جي پ پ ۾ اچڻ سان تمام جلد جي ڊي اي جون اهم سياسي قوتون پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ جا چوٻول تيزي سان ميڊيا جي مارڪيٽ ۾ هلي رهيا آهن. هن وقت سنڌ جي سياست جي سياست ۾ ٻه اهڙا ڪردار آهن جن جي هجڻ سان سياست جا رخ تبديل ٿيندا رهن ٿا. انهن ۾ آصف زرداري جنهن هميشه ملڪي سياست جا رخ تبديل ڪيا آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو ملڪ جا سياستدان سندس جي سياست کي سمجهڻ کان لاتعلقي ڏيکارين ٿا ان کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار جيڪڏهن آهي ته اهو صرف سردار علي گوهر خان مهر جو ئي آهي. سردار علي گوهر خان مهر سنڌ ۾ هڪ وڏي سياسي قوتن جو اڳواڻ به آهي. آصف زرداري وڏو سياسي ڏاهو آهي. سردار علي گوهر مهر کان سنڌ ۾ پ پ مخالف سياسي قوتن کي پ پ ۾ شموليت ڪرائڻ لاءِ اهم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. علي گوهر خان مهر جي جي ڊي اي مان نڪرڻ سان هاڻي جي ڊي اي پنهنجو سياسي قد بت برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهندي. ڇاڪاڻ ته سردار علي گوهر خان مهر لاڙڪاڻي، دادو، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن مان هڪ وڏو جٿو پ پ ۽ شموليت ڪرائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي ۽ اهو سياسي قوتن جو جٿو آصف زرداري جي مان ۾ ڪوٺايل گهوٽڪي واري جلسي ۾ شموليتون ڪندا. سردار علي گوهر خان مهر هڪ اهڙي سياسي قوت آهي جيڪو ڪنهن به پ پ مخالف سياسي قوت وٽ لنگهي ويندو ته مان سمجهان ٿو ته اهو سندس کي جواب ڪونه ڏيندو. سنڌ ۾ زرداري پارٽي اندر ويٺلن ۾ ڪافي حد تائين مطمئن به ناهي. سندن ڪارڪردگي بهتر ناهي رهي. زرداري پارٽي اندر اصلاحات ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ پر عزم ۽ ڪوشان آهي ته جيئن هڪ مضبوط پارٽي بلاول کي ڏئي سگهجي.
بهرحال سردار علي گوهر خان مهر جي اچڻ سان سنڌ ۾ پ پ مضبوط ٿي آهي. لياقت علي خان جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، محمد ميان سومرو، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ عادل الطاف حسين انڙ جن جا پ پ شموليت ڪرڻ جا وڏا امڪان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پ پ جا ويجها ذريعا اهيو به ٻڌائن پيا ته ايندڙ سيٽ اپ ۾سنڌ ۾ ميڊيم فريال ٽالپر کي اهم ذميواري ملڻ جا امڪان به آهن.
پ پ ۾ نون آيلن جن جو تعلق جي ڊي اي سان هوندو انهن کي پ پ پاران ٽڪيٽون ڏيون وينديون. پراڻن کي سائيڊ تي ڪيو ويندو ۽ نون شامل ٿيندڙن کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو. لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي هڪ رهنماءِ تي آصف زرداري ڪاوڙيل آهي ان کي به پاسيرو ڪيو ويندو. غوث بخش خان مهر جي ڊي اي کي ڇڏي اڳ ئي پ پ ۾ اچي چڪو آهي شڪارپور صرف جتوئي برادران پ پ مخالف آهن باقي ضلعو شڪارپور صاف آهي. سردار علي گوهر خان مهر پ پ قيادت کان اهيو به مطالبو ڪندو ته جي ڊي اي جي آيل سياسي قوتن کي پارٽي اندر يونين ڪائونسل کان وٺي ضلعي سطح تائين پارٽي عهدا ڏنا وڃن. ته جيئن پارٽي کي گراس روٽ ليول تائين مضبوط ڪري سگهجي.
ملڪي سياست ۾ نواز شريف جي اچڻ سان تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي نواز شريف جيڪو معاشي پيڪيج ڏنو آهي ان مان سڀ مطمئن به آهن. ن ليگ جي ڪجهه ماڻهن سياسي ڳالهه يعني راز کي ٻاهر ڪڍيو آهي جنهن ۾ چون ٿا ته نواز شريف جي ميچ فڪسنگ آهي. جڏهن ته اهو راز ئي راز هيو جيڪو ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. نواز شريف اقتدار لاءِ وڏي سيڙپ ڪاري ڪندو. ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ وڏا انويسٽر ويٺل آهن. زرداري کي سنڌ تائين ۽ بلوچستان تائين بمشڪل محدود ڪيو ويندو. آصف زرداري جي دلي دوست جيڪو هر ڏکي وقت ۾ ڪم ايندو آهي ملڪ رياض ڏاڍو پريشان آهي. 1000 ارب روپين جي عيوض سندس جي جان آزاد ٿي سگهي ٿي. بحرالحال سنڌ جو سياسي سيناريو تبديل ٿي رهيو آهي سردار علي گوهر خان مهر جي اڳواڻي ۾ وڏو سياسي جٿو پ پ ۾ عنقريب شموليت ڪندو ۽ شامل ٿيندڙن جو پ پ ۾ اهم ڪردار هوندو. ڇاڪاڻ ته زرداري پراڻن مان مايوس آهي ۽ ڪجهه سيٽن تي تبديليون به ڪيون وينديون. عوام ووٽ شهيدن کي ڏئي ٿو. ان ڪري جيڪو به پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن لڙندو اهو ڪامياب ٿيندو.
زرداري جا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا نه رڳو بحال ٿي ويا آهن پر صحيح به ٿي ويا آهن ايتري حد تائين جو ايندڙ حڪومت جيتوڻيڪ مخلوق يعني قومي حڪومت هوندي ان ۾ پ پ به شامل هوندي پر ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي ٿيندو. پ پ کي ملڪ جي صدارت ئي ملي سگهي ٿي.