جھونو سياستدان ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو قائد ميان نوازشريف چئن سالن جي جلاوطني ختم ڪري وطن پھچي ويو آھي.ھو اھڙي موقعي تي وريو آھي،جڏھن ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ آھي،مٿان چونڊون ڀريون پيون آھن.ميان نوازشريف جي آجيان جي تيارين لاءِ سرڪاري وسيلن جو وڏي پئماني تي استعمال پڻ ٿيو آھي.کيس عدالت 24 آڪٽوبر تائين گرفتار نھ ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آھي.جنھن مان اھو تاثر پيدا ٿي رھيو آھي تھ کيس گھڻي رعايت حاصل آھي.
سياست جي چرپر تي نظر رکندڙ مبصرن ۽ تجزيي ڪندڙ جو اھو چوڻ آھي تھ ميان نوازشريف ھڪ انڊر اسٽينڊنگ تحت ملڪ ۾ آيو آھي.اھڙي تاثر کي ھٿي ملڻ جو ھڪ وڏو سبب سندس لنڊن ۾ ھوندي اوچتو اسٽيبلشمينٽ ۽ ججن کي معاف نھ ڪرڻ وارو بيان بھ بڻيو ھو.جنھن بعد اڳوڻي وزيراعظم شھبازشريف کي تڪڙ ۾ لنڊن وڃڻو پيو ھو، ان بابت ڪئين سوال پيدا ٿيندا رھيا.ان پس منظر ۾ ميان نوازشريف جو اھو بيان گھڻو ٻڌڻ ۾ آيو ”مون پنھنجا سمورا معاملا خدا جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن“ ھن وطن ورڻ واري جھاز ۾ سوار ٿيڻ وقت صحافين جي گڏ کنيل ٽيم سان بھ مختصر ڳالھه ٻولهه ۾ ساڳي ڳالھھ ورجائي آھي.
نوازشريف شايد ھن وقت واحد وڏي قد وارو سياسي اڳواڻ ھوندو جنھن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي ويجھي کان پرکيو آھي، گڏوگڏ ھي واحد اڳواڻ ھوندو جنھن سڀني کان وڌيڪ جھيڙا اسٽيبلشمنيٽ سان ڪيا آھن ۽ وري انھن سان سرچاءُ بھ ڪيو آھي.نوازشريف جون حڪومتون ڊاٿيون ويون ،ھن خلاف ڪيترائي ڪيس جڙيا ،جن ۾ ھو گرفتار ۽ ٻھ ڀيرا جلاوطن پڻ ٿيو.
اھو درست آھي تھ سندس وطن ورڻ ۽ ٻيھر ملڪ جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان اھا توقع ڪئي پئي وڃي تھ ان سان ڪا بھتري اچڻ گھرجي.جمھوري ماحول سازگار ٿيڻ گھرجي، پارليامينٽ کي وڌيڪ سگھھ ملڻ گھرجي.عدليھ مضبوط ٿيڻ گھرجي،سڀني کان وڌ ھي تھ ملڪ مان بي يقيني واري ڪيفيت ختم ٿيڻ گھرجي ۽ ملڪي معيشت کي سھارو ملڻ کپي جئين عام ماڻھون جي حياتي ۾ بھتري پئدا ٿئي.
شايد عوام پڻ ميان نوازشريف مان اھا ئي اميدي رکندو ھوندو پر چوندا آھن تھ حقيقتون خواھشن جون محتاج ناھن ھونديون، سو ڏسڻو اھو پوندو تھ ھن کي ڪيتري ۽ ڪھڙن شرطن تي اقتدار ۾ جڳھھ ملي ٿي ان کانپوءِ وٽس ڪھڙا ۽ ڪيترا اختيار رھن ٿا ۽ ان ۾ ھو عام ماڻھن جي لاءِ ڇا ڪري سگھي ٿو.ٻيو تھ ھن وٽ خود ملڪ کي ايترن گهوٽالن مان ٻاھر ڪڍڻ جي لاءِ ڪھڙو ويزن آھي ۽ ھو ڪھڙيون پاليسيون جوڙيندو ؟ جنھن سان ملڪ جي عوام جي زندگيءَ ۾ ڪو ڦيرو اچي سگھي.
جنھن خاص جھاز ۾ ميان نوازشريف وطن وريو آھي ان ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ، چونڊن جي تاريخ بابت تھ ڪو فيصلو ته اليڪشن ڪميشن ڪري سگھي ٿي.
عام خيال ھي آھي تھ ن ليگ جو اصل مقابلو پاڪستان انصاف تحريڪ سان آھي.ڇاڪاڻ جو ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ ن کان سياست جو ميدان ڇڏائي ڪري اھو پي ٽي آءِ حوالي ڪيو ھو.ٻيو ھي تھ انھن ٻنھي ڌرين ۾ سياست جو اصل ميدان ملڪ جو وڏو صوبو پنجاب آھي.جنھن جي زور تي ئي ھر سياسي جماعت مرڪز تائين پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي جتي ھن کان اڳ نوازشريف جو اثر رھيو آھي.
اھو سڀ ڪجهھ پنھنجي جاءِ تي درست آھي پر بدقسمتي سان ملڪ جي سياست ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي گھٽ جاءَ ملندي رھي آھي جڏھن تھ وچولي ڪلاس ۾ ھٿ سان پيدا ڪيل ماڻھن مان اڪثريت عوام جي حقن بدران بااثرن جي اشارن تي ھلندي رھي آھي.جنھن ڪري ڪنھن بھ سياسي جماعتن عام ماڻھو ۽ ننڍن صوبن جي عوام کي ڪا گھڻي اھميت نھ ڏني آھي پر ھي جماعت انھن کي استعمال ڪندي ۽ اڳتي پنھنجا سياسي فائدا حاصل ڪندي رھي آھي.
ھن وقت ملڪ ۾ ڪو ھڪ نھ پر ڪيئي بحران آھن،جنھن ۾ سياسي بي يقيني، قانون جي لتاڙ، انساني حقن جي ڀڃڪڙي،سياسي انتقام، ملڪي معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي،آئيني بحران ۽ عدليھ جو بحران اھم آھي.جنھن ڪري ملڪ جو ڪو پاسو سڌو نھ آھي.اظھار جي آزاديءَ تي پابندي آھي.پريس آزاد ناھي.سياسي ميدان ۾ سڀني جي لاءِ ھڪجھڙا موقعا نھ آھن.جنھن ڪري ھي اڳي کي وڌيڪ خراب سياسي ماحول آھي.جنھن مان ئي ملڪ جي ھن ٻيڙي کي پار ڪرڻو آھي ۽ ملڪ ۾ حقيقي معنيٰ ۾ ۽ عملي طور تي قانون جي حڪمراني ڏا نھن آڻڻو آھي اھو ھن وقت جو اھم مسئلو آھي.
اھا حيرت جھڙي ڳالھھ آھي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻھن کي ڪو ساري ئي نٿو پر سياست ۾ ھن وقت بھ پي ٽي آءِ جي گم ٿيل ڪارڪنن جي لاءِ دانھن ٿئي ٿي.تازو پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪجھھ اڳواڻن کي منظر عام تي آندو ويو. جن توبهھ ڪري پنھنجي اڳواڻ خلاف ڳالھايو آھي پر سمجهھ ۾ اھو ٿو اچي تھ ان عمل ۾ ھنن جي مٿان گھڻو دٻاءُ آھي .عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد غائب ٿيڻ بعد منظر تي اچڻ وقت ڏنل انٽرويو جي ٻولي مان ئي اھو لڳي رھيو ھو.اھڙي ماحول ۾ سياست جي وڏي نالي ميان نوازشريف ملڪ ۾ قدم رکيو آھي.ھاڻي ھو ڇا ڪري ٿو اھو اھم آھي.
ھن ملڪ جي ھڪ بدقسمتي ھي آھي تھ جنھن کي ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان سياسي ميدان ۾ محدود ڪيو وڃي ٿو تھ اھو قانون ۽ آئين جي ڳالهھ ڪري ٿو، ھن وقت جڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھن جي لاءِ سياست ۾ اسپيس گھٽ رکيو پيو وڃي تھ اھا جلد چونڊن ڪرائڻ جي ڳالھه ڪري رھي آھي جڏھن تھ مسلم ليگ ن ان بابت ڄڻ خاموش آھي.
ملڪ ۾ چونڊون فوري حل يا تڪڙو بندوبست آھي پر جيڪا صورتحال آھي ان کي مجموعي طور تي بھتر ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي جماعتن کي ھڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ اھي ھڪ ٻئي جي خلاف استعمال ٿيندو رھنديون، چئن سالن جي جلاوطني بعد نوازشريف کي جيڪڏھن اھو سمجهھ ۾ آيو ھوندو تھ ان جو عملي مظاھرو ڪندو جيڪڏھن نھ تھ سندس عمل ۽ روين مان سڀ پڌرو ٿي پوندو اهو سمجهڻ لاءِ ڪجھھ انتظار ئي ڪري سگھجي ٿو.