فسلطينين جي جبري بي دخلي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي: مصر

قاهره(م ڊ) مصر جي صدر الفتاح السيسي چيو آهي ته فلسطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي.  برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب مصر جي صدر چيو ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فلسطينين کي اسرائيل جي رڻ پٽ نيگيو ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مصر جي صدر فلسطينين جي غزه مان جبري بي دخلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ته ان سان فسلطينين جي اولهندي ڪناري کان اردن طرف جبري بي دخلي جو مثال قائم ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته مان مصر جي عوام کي چوندس ته هو ٻاهر نڪري ۽ هن تجويز کي رد ڪرڻ جو اظهارڪن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.