فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو، مسلم حڪمران جرئت جو مظاهرو ڪن: فلسطين ڪانفرنس

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران قباء آڊيٽوريم ۾ مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جي زيرصدارت رٿيل فلسطين ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي، سماجي، ديني ۽ قومپرست اڳواڻن فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت  ڪندي مسئلي جو واحد حل فلسطيني رياست جي قيام کي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ ۽ مسلم حڪمرانن کي اسرائيلي سفارتي بائيڪاٽ جي گهر ڪئي آهي. جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته فلسطين جو ٻچو ٻچو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته نبين جي سرزمين مسلمانن جي آهي ۽ بيت المقدس جي آزادي کي پنهنجي حياتي جو مقصد سمجهن ٿا. هن چيو ته تمام مسلمان ملڪ يهودي رياست جي سياسي سماجي بائيڪاٽ لاءِ قومي غيرت جو مظاهرو ڪن، پ پ  جي صوبائي صدر نثار احمد کهوڙو خطاب ڪندي چيو ته تاريخي طور تي فلسطين فقط فلسطيني عوام جو آهي جتي سڄي دنيا مان يهودين کي آڻي آباد ڪيو ويو، موجوده صورتحال ۾ جنگ بندي لازمي آهي او آءِ سي ان حوالي سان ضروري قدم کڻي. ملي يڪجهتي ڪونسل سنڌ جي صدر مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته جن مسلمان ملڪن اسرائيلي کي تسليم ڪيو آهي اُهي غزا جي صورتحال تي احتجاجن اسرائيلي ۽ آمريڪي سفارخانا بند ۽ پنهنجا سفير واپس گهرائين، آمريڪا جي منافقت جي مذمت ڪريون ٿا، جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو ته اڄ فلسطين رت سان رڱيل آهي، غزا جي مجاهدن جي للڪار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ايمان، جذبه جهاد ۽ شوق شهادت جو مقابلو دنيا جي ڪابه طاقت نٿي ڪري سگهي، سڄي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تاريخي فلسطين مارچ امت جي ترجماني آهي. ايس يو پي جي جڳديش آهوجا چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به مسئلي جو حل جنگ ۽ ويڙهه ۾ ڪونهي جي ڊي اي جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته حماس جي تازي ڪاروائي وساريل فلسطين جي مسئلي کي ٻيهر زنده ڪيو آهي، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني مسلمانن جي نسل ڪشي جاري آهي ۽ مسلم حڪمرانن کين لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي صدر علامه سيد باقر عباس زيدي چيو ته حماس فلسطين جي مسئلي کي دنيا جو نمبر ون مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، مسلم ليگ (ق) سنڌ جي صدر طارق حسن چيو ته عالم اسلام جو ٻچو ٻچو فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي،فلسطين فائونڊيشن جي صابر ابو مريم چيو ته غزه جي مسئلي تي عملي قدم کڻڻ بدران رڳو مذمتي بيان جاري ٿيا آهن، مسلم ليگ نواز جي خواجه طارق نذير چيو ته مذمتي قراردادن کان اڳتي وڌي ڪري عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي،.جي يو پي جي اڳواڻ مُفتي غوث صابري مرڪزي مسلم ليگ جي فيصل نديم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن وقت غزه دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.