سائفر ۾ ڌمڪي يا سازش جهڙن لفظن جو ڪو به حوالو نه هو: اڳوڻو سفير

ڪراچي ( م ڊ ) پرڏيهي وزارت کي تڪراري سائفر موڪليندڙ اڳوڻي پاڪستاني سفير اسد مجيد جو چوڻ آهي ته سائفر واقعي ڪميونيڪيشن سسٽم جي سالميت، سفارتڪارن جي وقار ۽ سفارتڪاري کي نقصان پهچايو آهي، جنهن سان مستقبل جي سفارتي رپورٽنگ ڪلچر تي ناڪاري اثر پوندا. خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد اهڙو اظهار سائفر ڪيس ۾ پنهنجي لکت ۾ بيان ۾ ڪيو، جيڪو ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر آڏو رڪارڊ ڪيو ويو. اسد مجيد موجب سائفر موڪلڻ پرڏيهي سفارتي مشنز جو معمول آهي، ان ڳجهي خط ۾ ڌمڪي يا سازش جهڙن لفظن جو ڪو به حوالو نه هو. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو سان سندس ملاقات اڳواٽ ئي طئي ٿيل هئي. اڳوڻي سفير چيو ته پاڪستان جواب ۾ ڊيمارش جاري ڪيو.۽ سائفر ٽيليگرام جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ان نتيجي تي پهتو ته ڪا پرڏيهي سازش ناهي.

غزا مان ايندڙ پناهگيرن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؛ اسڪاٽ لينڊ فرسٽ منسٽر

ايڊنبرا(م ڊ) اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر حمزه يوسف چيو آهي ته جيڪڏهن برطانوي حڪومت اسرائيل جي نسلي ڪشي جي جنگ مان فرار ٿيندڙ شهرين کي ڪڙو ڏنل  علائقي ۾ آباد ڪرڻ جي اسڪيم جي منظوري ڏئي ته اسان غزه مان ايندڙ پناهگيرن کي  ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اسڪاٽش اسپتالن ۾ زخمين جو علاج به ڪيو ويندو. هن اسڪاٽش نيشنلسٽ پارٽي (ايس اين پي) جي لاءِ هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو ته ماضي ۾ به برطانوي حڪومت ڪيترن ئي متاثر ملڪن جي ماڻهن کي پناهه ڏني هن وقت غزه ۾ ڏهه لک ماڻهو بي گهر آهن ان ڪري آئون عالمي برادري کي غزه جي ماڻهن جي لاءِ عالمي پناهگيرن جي پروگرام جو مطالبو ڪري رهيو آهيان.

سعودي پرڏيهي وزير جون ايران، پاڪستان ۽ ترڪ هم منصبن سان ملاقاتون

رياض(م ڊ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزا جي پٽي ۾ عالمي انساني قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي. سعودي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي فوري توجهه غزه ۾ جنگ بندي تي آهي ۽ غزه ۾ جنگ بندي جي حاصلات لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن. ان کانسواءِ هن چيو ته ٻه رياستي حل ئي فلسطين جو بنيادي حل آهي، هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير ايران، پاڪستان ۽ ترڪ پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ شهزاده فيصل غزا جي صورتحال تي سعودي موقف کان آگاهه ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.