ماڙي جلباڻي واقعي تي سنڌ معاوضو نه پر انصاف گهري ٿي: رياض چانڊيو

حيدرآباد ( پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ بيگناهه ڳوٺاڻن کي شهيد ڪيو ويو، هي سنڌ جي  شعور جي جدوجهد ۽ مسلسل احتجاج هو جنهن ڪري جيڪو گهرو وزير ڪالهه انهن ماڻهن کي دهشتگرد پيو چوي اڄ اهو انهن جي گهر وَڃي انهن کي چئي پيو ته اوهان بيگناهه آهيو، توهان کان معافي ٿا وٺون ۽ انهن کي اهو چوي ٿو ته مان غلط بيان ڏنو آهي ۽ اوهان کي 80 لَک معاوضو هڪ معصوم خون جي بدلي ڏيون ٿا، اها فتح سنڌ جي ماڻهن جي آهي پر سنڌ انصاف پئي گهري، معاوضو نه پر سنڌ کي انصاف گهرجي، عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجيم اها انصاف جي تقاضا آهي ته قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن انهن تي دهشتگردي جا ڪيس ڪري ٽرائل هلايو وڃي، امان جندو قاتلن کي ڦاهيءَ تي چاڙهايو هو پر انهن کان معاوضو قبول نه ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.