اسڪول کاتي جو ٽيچر انٽرشپ جا فنڊز نه ملڻ تي ناڻي کاتي کي خط

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) اسڪول کاتي پرائمري ٽيچر انٽرشپ پروگرام تحت 964 مضمونن جي ماهر ٽيچرن کي وظيفو نه ملڻ تي ناڻي کاتي کي خط لکي 34 ڪروڙ 70 لک روپيا فنڊ جاري ڪرڻ جي مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 6 هن مهينن دوران استادن جي انٽرن شپ پروگرام تحت  مختلف مضمونن جي 964 ماهر استادن کي ٽريننگ ڏني وئي جن کي  وظيفو ڏيڻو هو پر فنڊ جاري نه ڪرڻ سبب استادن کي وضيفو نه ڏئي سگهيا آهيون ان لاءَ وظيفي لاءَ رکيل فنڊز جاري ڪيا وڃن. ياد رهي ته 1014 مضمونن جي ماهرن استادن کي تربيت ڏني وئي هئي جن لاءِ 49 ڪروڙ 68 لک 60 هزار رپيا مختص  ڪيا ويا هئا.ٻئي پاسي ناڻي کاتي جي ذريعن موجب اسڪول ايجوڪيشن جو خط لاڳاپيل اختيارين کي ملي ويو آهي جلد فنڊ جاري ڪيا ويندا جڏهن ته 37 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ وارو فائيل آفيسرن ڏانهن منظوري لاءَ موڪليو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.