سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس بابت پوليس مٿان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس  نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پوليس ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي گم ٿيل ماڻهن جي روزاني جي بنياد تي رپورٽ کپي، جسٽس امجد سهتو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جي آءِ ٽي جا 20،20 سيشن ٿيا آهن پر هڪ به مغوي آزاد ناهي ٿيو، غريب ماڻهن جو وقت ضايع نه ڪيو وڃي، هو ڪرايا ڪري هتي اچن ٿا، جڏهن ته نينگري ڪرشنا جي آزادي بابت پڻ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايس پي انوسٽيگيشن کي ان معاملي کي ڏسي جاچ ڪري رپورٽ 14 نومبر تائين جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.