نوابشاهه ۾ لاقانونيت جو راڪاس، ڦورن هٿان چوڪيدار ۽ 2 ڀائر قتل

نوابشاهه(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) نوابشاهه ۾ بد امني ۽ لاقانونيت جو راڪاس گهمي ويو، گذريل رات ڌار ڌار ڦُر جي وارداتن ۾ غريب  چوڪيدار ۽ ٻه دڪاندار ڀائر ڦورن هٿان قتل ٿي ويا، بينظير آباد ضلعي ۾ نئون ايس ايس پي حيدر رضا رٽائرڊ ڪيمپٽن مقرر ٿيو آهي ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، گذريل رات ڦورن ٽن معصوم شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مريم روڊ تي ٻِن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن هٿيار بندن دڪان تي چڙهائي ڪئي ۽ دڪاندار ڀائرن اسلم ۽ رضوان ڀٽي کان ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، دڪاندارن پاران مزاحمت ڪئي وئي، هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن اسلم، رضوان ڀٽي ۽ شاهد خواجه کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ اسلم ڀٽي ۽ شاهد خواجه گهڻو رت وهي وڃڻ سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته رضوان ڀٽي زخمن جا سور نه سهندي بعد ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته موهڻي بازار واري علائقي ۾ ڦرلٽ دوران دڪان مالڪ جنيد اعواڻ کي مرڻينگ ڪيو ويو، پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، نوابشاهه ماضي ۾ سنڌ جو انتهائي پر امن شهر سمجهيو ويندو هو هاڻ هن شهر  ۾ بدامني جو راڪاسا آهي، پوليس توڙي انتظاميا ٽن ڄڻن جي قتل تي ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد حيدر رضا شاهه جي پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته منهنجي مقرري کانپوءِ نوابشاهه ۾ ڪرائم ريٽ گهٽ ٿيو آهي، صرف موٽرسائيڪل جي چورين جون ڪجهه وارداتون آهن هي ٽن ماڻهن جي قتل ۽ هڪ دوڪاندار جي زخمي ٿيڻ وارو واقعو اوچتو ٿيو آهي يقينن افسوسناڪ واقعو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.