اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ مقابلا، 4 جوان شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( م ڊ ) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ دهشتگردن جو سرپرست حضرت زمان عرف خاور ملا به مارجي ويو، جيڪو ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو.آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ 3 جوان به شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ لانس نائيڪ تبسم الحق، سپاهي نعيم اختر ۽ سپاهي عبدالحميد شامل آهن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڏکڻ وزيرستان واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سپاهي فرمان علي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.