سرحد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار هٿان ماسي قتل

سرحد(رپورٽ:اعجاز دايو) سرحد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ  ڀاڻج هٿان ماسي قتل جوابدار فرار، سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو تڙت ۾ جوابدار ڀاڻج عرفان تڙت مبينه طور ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي جوان ماسي مسمتات پوپٽِ عرف بختاور تڙت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن سرحد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري پوپٽ تڙت کي قتل ڪيو ويو آھن جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آھي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.